ٿر جي بدلجندڙ ثقافت – ڪالم – نوراحمد جنجهي

136 Views

ٿر جي بدلجندڙ ثقافتنوراحمد جنجهيٿر جي بدلجڻ ۽ بدلجڻ جي ڳالهه ڪندي پاڻ ٿرجي بدلجڻ جي مرحلن تي سرسري نظر وجهنداهلون ٿا. ٿرجو ڀون مٿاڇرو ڪيئن بدليو آهي يا ڪيئن بدلجي رهيو آهي ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڻ ڏٺوسين ته ڪيئن قدرتي تبدييلون اچن پيون ڪيئن انهن تبديلين سان گڏوگڏ انساني هٿ تبديليءَ جي عمل ۾ حصيداررهندو آيو آهي. قدرتي تبديلين تي ماڻهوءَ جو وس ناهي پر پنهنجي چُرپرکي هو پنهنجي هٿ وس رکي گهڻي ۽ هٻڇ نه ڪري ته عالم سڄي جي آبادي سُک ۽ سهنج سان رهندي. قدرتي ماحول جي هنج ۾ انسان پنهنجي دنيا جوڙي ٿو ۽ ان کي دنيا سماج جي نالي سان سڏي ٿي.سماج ۾ رهندڙن فردن جي اجتماعي اٿي ويٺيءَ جو نالو ثقافت آهي جيڪا وقت گذرڻ سان تبديل ٿيندي رهندي آهي. اها تبديلي وقت گذرڻ سان ۽ مرحليوارايندي رهي ٿي ۽ جڏهن ڪنهن ٺوس صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته پوءِ ماڻهو رڙيون ڪرڻ لڳنداآهن ته فلاڻي شئي تبديل ٿي چڪي آهي، فلاڻي شئي معاشري مان ختم ٿي چڪي آهي. اهڙي تبديليءَ کي زنده قومون پنهنجي شعور جي ساڃاهه سان هاڪاري رُخ ڏيئي ايئن تبديلين کي پنهنجي سماج ۾ جذب ڪنديون آهن جيئن اهي ايندڙ پيڙهيءَ تائين منتقل ٿين.ٿر جي سماج ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. جن تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته لڳي ٿو ته گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي پراهو گهڻو ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ بدليو ناهي. سماج جي چُرپرسُرپر سان بدلجي ٿي پرنرواروري نئين رڱ روپ سان ٿئي ٿي تنهنڪري ايئن محسوس ٿئي ٿو. ٿر جي انهي روپ جي تبديلي سماجي جوڙجڪ کان شروع ڪريون ٿا.ٿر تي سڀ کان گهڻو عرصو راجپوتن جو اثر رسوخ رهيو آهي. راجپوتن جي دور ۾ ٿر ۾ ڳوٺن جو آباد ٿيڻ به ساڳي نموني جو رهيو آهي. هڪ ته اهي ڳوٺ مٿاهن هنڌن يعني ڀٽن جي ماٿارين، اوچاهن يا وڏن دڙن تي اڏي وهندا هئا، جنهن جا ٻه مکيه سبب هوندا هئا هڪ ته اهي ڳوٺ موسمي تبديلين يعني گرمي سردي سهڻ ۾ جٽادار۽جهلو ثابت ٿيندا هئا. سياري ۾ ڀٽ مٿي سيءُ گهٽ پوندو آهي ۽ اونهاري ۾ وري مٿاهين تي هوالڳندي آهي تنهنڪري به انهن جا رهاڪو سولي زندگي گهاري سگهندا هئا. ٻيو جيڪو سبب هو اهو دفاعي آهي يعني توهان مٿاهين تي آهيو ته توهان تي ڪاهي ايندڙ توهان کان هيڻي بيهڪ ۾ آهي ۽ توهان ان کي پري کان ڏسي سگهو ٿا ۽ پنهنجي بچاءَ جو بندوبست ڪري سگهو ٿا. ان سان گڏوگڏ مٿاهين تي گهرن جو هجڻ کي قدرتي پردوآهي. مٿاهين واراگهرپاڻ ۾ ئي ڍڪ آهن ۽ اوسي پاسي کان لنگهندڙ ڌارين ماڻهن جي نظرن کان ماڻهو پاسيتو ٿي رهي ٿو. ڳوٺ اهڙن هنڌن تي آباد ٿينداهئا جتي پاڻيءَ جو نياڻ هجي يعني پلرپاڻي گڏٿيندو هجي جيئن مال جو ڪٽاءُ ٿي سگهي. اهڙا ڳوٺ ”سر“ جي پڇاڙيءَ سان سڏجن ٿا. اڳتي هلي کوه به کنيا ويا جن ۾ مختلف نمونن جا کوه آهن، جيڪي جر جي پاڻيءَ جي اونهائي جي مناسبت سان ٻڌاوينداهئا. ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪ ۾ هڪڙي مکيه ذات ان ڳوٺ ۾ آباد ٿيندي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف هنرمند ذاتيون به اتي آباد ٿينديون هيون جيئن زندگيءَ جو ڪاروهنوار سولائيءَ سان هلي سگهي. اهڙي سماج ۾ ڳوٺ اندر پاڙا ٺهيا. هر پاڙي جو اڳواڻ الڳ الڳ هوندو هوپر سڄي ڳوٺ جو چڱو هڪڙوئي هوندو هو.جتي هنرمندماڻهوججهي تعداد۾ هونداهئا اتي انهن جي اڳواڻي به هوندي هئي پراهي ماتحت مکيه ذاتين جي هوندا هئا. سڀني ذاتين جا نالا به گڏيل هوندا هئا جيئن راٺوڙ، چوهاڻ، وغيره. ان سان گڏوگڏ ماڻهو هڪٻئي ۾ سڱ ڳنڍي سڏيندا هئا. گناتپي جي ڪري ڇوڪريون پري پري پرڻا ئبيون هيون ۽ مواصلات جا ذريعا به گهٽ هوندا هئا پرهر ڇوڪري ان سڄي ڳوٺ جي ڌياري سڏبي هئي ۽ پنهنجي ڳوٺان هر ايندڙ ماڻهوءَ کي نانو، مامو ۽ ڀاءُ چئي سڏيندي ۽ آڌرڀاءُ ڪندي هئي. جيڪاڇوڪري ٻئي ڳوٺان پرڻجي ايندي هئي ان کي سڀئي عزت ڏيندي نونهاري سڏينداهئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن گهرجتي سندس مائٽن يا شادي ڪرائيندڙن جو تعلق هوندو ته اتي اها گود ڏني ويندي هئي جنهن کي ‘کوڙي وجهڻ’ چيو ويندوهو. کوڙي ڏيڻ کانپوءِ اهو گهران ڇوڪريءَ جي سارسنڀار ايئن ڪندو هو جيئن سندس سڳي ڌيءَ هجي. اهو سلسلو اڃا به آهي پرگهڻو گهٽجي ويوآهي.رهائش جي جوڙجڪ تبديل ٿي آهي. اڳي گهڻو ڪري چونرو ۽ لانڍي گهر۾ رهائش لاءِ هونداهئا ۽ گهرڀاتين جي تعدادجي لحاظ کان انهن جو تعداد هوندوهو. ننڍي آڪهه لاٰءِ ٻه چونرا۽ هڪڙي لانڍي ڪافي هوندا هئا ۽ وڏي آڪهه لاءِ چار چونرا، ٻه لانڍيون هونديون هيون. پهرين اڪثر ڪري چونرا به ڪکاوان هوندا هئا ۽ پوءِ ڪچين ڀتين جو رواج پيو جيڪي هاڻي پڪين سرن مان به اڏيون وڃن پيون ۽ گاري بدران سيمينٽ ڪيو وڃي ٿو. آهستي ڪچا کُڏ تعمير ٿيا. رهائش جو اهو نمونو اڪثريت آباديءَ جو هوندو هو، باقي جيڪي بااثر ٺڪر هوندا هئا، انهن جي گهرن جي بناوت ٿوري مختلف هوندي هئي ۽ انهن کي ‘ڪوٽڙي’ چوندا هئا. رهائش جي ان نموني ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن هندستان سان هن علائقي جو واپار وڌيو. هتان جا واپاري ڍڳا وٺي ويندا هئا ۽ اوڌر تي ڏيندا هئا. ان اوڌر جي وصولي جنهن کي اوگهراڻي چئبو هو ۽ اهو لفظ انگريزي لفظ ريڪوري جو تُز ترجمو آهي، لاءِ ڇهه ڇهه مهينا اتي رهندا هئا. انهن جڏهن اتي پڪا گهر تعمير ٿيندي ڏٺا ته هتي به ان جهڙا گهراڏڻ شروع ڪيائون. اهڙي اڏاوت جو وڏي ۾ وڏو مثال سمن جي ڳوٺ لوڻيي ۾ حڪيماڻي سمن جي ماڙي هئي، جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن ۽ اهو ڳوٺ اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر جي رستي تي اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اهڙي طرح پڪا گهرٺهڻ جو رواج پيو. ان کان ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو پڪو ڪمرو هو ته ڀلي پر اهڙي ماڙي اڏڻ جو رواج پهريون دفعو پيو. پڪن گهرن جي تعمير جو اهو ڪم ڪاروڌنڌو هاڻي هرننڍي ڳوٺ تائين به پهتوآهي. ماڻهو پنهنجا گهر ڌڙا ڌڙ پڪا تعمير ڪرائي رهيا آهن. شهرن ۾ آرسي سي اڏاوت جورواج آهي جڏهن ته ڳوٺن ۾ اڃا به گارڊر ٽيئر هلن ٿا. ٻي جيڪا وڏي تبديلي رهائش جي جوڙجڪ ۾ آئي آهي اها آهي چئوديواري ۽ واش روم ۽ باٿ روم ۽ پاڻي جي ٽانڪي ٺهڻ جي. اڳي هڪ ته گهر مٿاهين تي هوندا هئا ۽ ڪنڊن جو ننڍو لوڙهو ڪم ڏيئي ويندو هو پر هاڻي ان جي بدران ڀت ڏني وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته آبادي وڌي ۽ ڳوٺ سنئين سڌي زمين تي ٻڌا ويا ۽ ٻيرجو وڻ گهٽجڻ جي ڪري ڪنڌي لاءِ ڪنڊا به اڻ لڀ آهن. سنهي ٿلهي لاءِ عورتون توڙي مرد ٻاهرجهنگ ڏانهن ويندا هئا گهرن جي ويجهواجهور۾ ئي گهاٽوجهنگ هوندو هو پروڻن جي وڍجڻ ۽ اڌڙڻ جي ڪري هاڻي اهو ڍڪ نه رهيو. اوندهه ۾ نانگ بلاجو ڀوبه ٿئي ٿو. تنهنڪري گهرن ۾ ڪاڪوس خانا ۽ وهنجڻيا تعميرڪيا وڃن ٿا. ان کانسوءِ پاڻيءَ جي ذخيري خاص طورپلرپاڻي گڏڪرڻ لاءِ پاڻي جون ٽانڪيون يا ٽانڪا تعميرڪياوڃن ٿا. ماضيءَ ۾ جن پڪين اڏاوتن جا نشان ملن ٿا تن ۾ جين مت وارن جا ڏهرا آهن ته راجپوتن ۽ مڪواڻن جا گڍ ۽ ٽالپرن جا اڏايل قلعا آهن. مندرٿر۾ تمام گهٽ هئا. جين مت وارن ۾ ڏهري جو رواج هو. راجپوت وري وڏن مندرن بدران گهرن ۾ ٿان قائم ڪندا هئا. مسلمانن جون مسجدون به ڪچيون هونديون هيون. محمود ٻهڳڙي ڀوڏيسر ۾ سورهين صدي عيسويءَ ۾ مسجد تعمير ڪرائي، جيڪا اڄ به موجود آهي. هاڻي ته اهو سلسلو به نئين روپ سان نروارآهي. پڪيون مسجدون ۽ مندر تعميرٿي رهيا آهن. شهرن کان وٺي ننڍن ڳوٺن تائين پڪي اڏاوت ڏينهون ڏينهن وڌندي پيئي وڃي.گهرن کانسواءِ برتنن جي واهپي ۾ تبديلي آئي آهي. شروع ۾ ڪنڀارن جا ٺاهيل مٽيءَ جا ٿانو هوندا هئا جن جي جاءِ ايلومينيم جي ٿانون والاري. سرنديءَ وارن وٽ ڪنجهو هوندوهو. ٽامي ۽ ڪانسيءَ جا ٿانوواپراڄ هيٺ هوندا هئا. ايلومينم کان پوءِ لوه تي تهه چڙهيل ٿانوآيا جن کي لوهه چينيءَ جا ٿانو سڏيو ويندو هو. ان کانپوءِ اسٽيل جا برتن رواج ۾ آيا ۽ اسٽيل کانپوءِ پلاسٽڪ عام رواج ۾ آيو. پاڻي رکڻ لاءِ دلا۽ مٽ هوندا هئا جن جي جاءِ آهستي آهستي جتي به بجلي آئي آهي ڪولروالاري پيو. جهنگ ڏانهن يا ٻئي ڳوٺ وڃڻ دوران پانڌي پاڻ سان گڏ پاڻي سانداريءَ ۾ کڻي ويندا هئا جنهن جي جاءِ تي پلاسٽڪ جي بوتلن تي ڪپڙو چاڙهي پاڻي کڻي وڃن ٿا پر سانداريءَ جي پاڻي سان مقابلوئي ناهي. بوتل جو پاڻي گرمي ۾ ٽانڊوٿي ٿو وڃي. سانداريءَ ۾ جيتري گرمي وڌيڪ اوتروئي پاڻي ٿڌو ٿيندو هو. کوهن تان پاڻي ڀرڻ جو ڏکيو ڪم عورتن جي حوالي آهي. ڪٿي ڪٿي پخالن سان گڏهن ۽ اٺن تي پاڻي ڀريو وڃي ٿو يا وري ماڻهن کوهن کان گهر تائين پائيپ لائين پڻ لڳائي آهي . باربرداريءَ ۽ سواريءَ جا ذريعا به ڪافي تبديل ٿيا آهن. اڳي عام چڙهي لاءِ اٺ هوندو هو. غريٻ ماڻهو به اٺ ڌاري سگهندا هئا جو اٺ کي چڙهي، باربرداري ۽ ٻني پوکڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. وڻ ٽڻ جام هوندا هئا. اٺ جو چارو انهن مان ملي ويندو هو. سرنديءَ وارا ماڻهو گهوڙا پاليندا هئا جو گهوڙو اٺ جي ڀيٽ ۾خرچ گهري ٿو ۽ ان کي عمومن باربرداريءَ لاءِ استعمال نٿو ڪيو وڃي. گڏهه به باربرداري ۽ چڙهي جي ڪم ايندو هو. هاڻي انهي ڏس ۾ به تبديليون اچي چڪيون آهن. سواري لاءِ وهٽ جي چڙهي گهٽجي ويئي آهي. ڇڪڙا، لانگ چيسس جيپون، ڪارون، موٽرسائيڪل، چنگچي ميدان ۾ آهن. جتي روڊ رستا ناهن اتي به موٽرسائيڪل هلي رهي آهي. پوک لاءِ اٺ ۽ ڍڳن جي جاءِ ٽريڪٽرمتعارف ٿيو آهي. ان جو ڀون مٿاڇري تي خطرناڪ اثرپئجي رهيا آهن. اٺن جي پالنا جو خرچ به وڌي ويوآهي. اٺ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ٿرجانورن تي باربرداري، سواري ۽ پوکي واري دورمان نڪري مشيني پنڌ جي پيچري تي پئجي چڪو آهي. برسات جي موسم دوران ڪٿي ٻنين ۾ دلچسپ منظر به نظراينداآهن جتي لانگ چيسس جيپ پويان هرٻڌي پوکي ڪئي پيئي ويندي آهي. فصل تيار ٿي ويندو آهي ته خاص ڪري گوار تي هاڻي ته ٿريشر به لڳي ٿي. ٿر جي انهي بلجندڙ منظرنامي جا ڪافي منظرآهن، جن بابت ڳالهه ٻولهه جاري رهندي

.(ڪتاب : ڀنيءَ منجهه ڀٽون (2017ع ) ليکڪ : نوراحمد جنجهي)

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *