ملڪ جي ٻين شھرن جيان چوھڙجمالي ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ٽائون ڪاميٽي چوھڙجمالي وٽان ريلي ڪڍي وئي

69 Views

چوھڙجمالي غلام رسول ميمڻ
ملڪ جي ٻين شھرن جيان چوھڙجمالي ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ٽائون ڪاميٽي چوھڙجمالي وٽان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي قيادت اسٽنٽ ڪمشنر عمران پٺاڻ مختيار ڪار شاھبندر يعقوب ڪنڀر پاڪستان سني تحريڪ صوبائي اڳواڻ مولوي منظور احمد قادري سائين محمد صديق ميمڻ ٽائون انتظاميا ارسلان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي جشن آزادي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي جوش ۽ جذبي سان نعريبازي پڻ ڪئي وئي ھر طرف پاڪستان زنده باد جا نعرا گونجي رھيا ھئا. ان موقعي تي پاڪستان سني تحريڪ اڳواڻ مولوي منظور اسٽنٽ ڪمشنر عمران پٺاڻ سائين محمد صديق ميمڻ خطاب ڪندي ڄيو ته ملڪ جي آزادي جي خوشي ۾ شريڪ ٿي پنھنجي وطن سان محبت جو اظھار ڪرڻ ھر پاڪستاني جو فرض آھي پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا. جيڪي ڊشمنن سان مھاڏو اٽڪائي ملڪ جي حفاظت ڪري رھيا آھن. اسين پاڪستاني پاڪ فوج جي ھر قدم تي گڏجي ملڪ سلامتي ۽ حفاظت لاء ھر وقت تيار آھيون. اسان کي آزادي جي خوشي آھي ھي ملڪ پاڪستان گھڻين قربانين کان پوء آزاد ٿيو آھي اسين پنھنجي ملڪ جي آزادي جو جشن ڀرپور طريقي سان ملھائنيداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *