زندگيءَ جو احوال … غلام محمد جنجهي (ڪالم نوراحمد جنجهي)

200 Views

نوراحمد جنجهي

زندگيءَ جو احوال …

جبل جهاڳيائون، مٽيا سَنڌُ ساڻيهه جو،
منزل ماڻيائون، ڪشالي سان ڪوه جي.

                                   (غلام محمد جنجهي )

الله تعالى، ٿرپارڪر جي مردم خيز ڌرتيءَ ۾ تمام گهڻي مڻيا رکي آهي،  جنهن جي ڏيا ۽ ڏيک دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. ٿر پارڪر ۾ قدرتي سونهن ۽ حسن جي جيڪا پالوٽ آهي تنهن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي. واريءَ جي ساگر طور سڃاتو ويندڙ هيءُ خطو ڳڻن ۽ ڳڻپ جوڳين ڳالهين سان ڀرپور آهي. ٿرپارڪر جون ڀٽون،ڏهر،برڪت ڀريون تليون،گوڇارون، پوڇانڊا، ٻڪڙون،ڳاٽ، ڳاٽڙيون، مگريا، مندر،پاساڙا،اوچاها، ٽونڪ، ڦنگهه، ناکون ۽ لنگهه ۽ ڪر کڻي صدين کان بيٺل ڪارونجهر، جتي فطرتي حسن جو هوڪو ڏين ٿا، تتي انسان ذات جي اُ تم ورثي حب الوطني،محنت، محبت،بهادري، وچن نباه جي ميدان ۾ به ٿر گهڻن کان گهڻو اڳتي رهندو آيو آهي ۽ پاڻ موکيندو آيو آهي.

مارئيءَ جو املهه ڪردار جيڪو ساڻيهه جي سڪ ۽ اڏولتا جو انوکو مثال آهي. مسڪين جهان خان جي خدمت گذاري،روپلي جي بهادري،ڄام ساقيءَ جي بين الاقوامي سڃاڻپ، فقير فيض محمد بلالاڻي جي فياضي، ارباب الله جڙئي جي سخاوت، ارباب تاج محمد جي دانائي، ارباب توڳاچي جي سياسي جٽاداري، جگديش ملاڻي جي بي باڪي ، ٿر جي مالها جا جڙادار ۽ جوهردار موتي آهن.صديق گجوءَ جي صلاحڪاري،قائم محمد شاهه، قاضي سليمان ۽ سيٺ جمعه خان جي سياڻپ، سيٺ نهالچند جي مهمان نوازي،ڊاڪٽر شفيع محمد ميمڻ جي مسيحائي،چاچي نواز کوسي جي لوڪ سلوڪ جي وديا، سليمت هاليپوٽيءَ جي مال جي مرض شناسي،ساهڙ ٿيبي جي سگهڙائپ ، ٿر پارڪر جي باغ جا سڳنڌن ڀريا سهڻا وڻ ٽڻ آهن، جن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ملڪن کي معطر ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ سائين سچل جنجهي، عبد الصمد سنگراسي، مولوي جان محمد نهڙي ، مولوي نصيرالدين،مولوي محمد عمر جوڻيجي  جي تعليم پروري، حاجي الهداد جنجهيءَ جي شاه لطيف سان محبت، حاجي رحيم راهمي جي زماني شناسي، ميان عبدالحق چانڊيو جي حرفت گريءَ ۾ هوشياري ، اُستاد رائچند جي تاريخ نويسي جي ملڪي سطح تي مڃتا  جا مثال ٿرپارڪر جي ڌرتيءَ جا اهي اهڃاڻ آهن جن جي جوت ۽ جرڪڻ کي ڏسي زمانو ڪيئي زمانا اڳتي وڌندو رهندو.

ٿرپارڪر جي انهي سون ورني ڌرتي جي مٺي تعلقي جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيو ۾ 1921 ۾ محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻار اک کولي جنهن جو نال غلام محمد رکيو ويو. موڀي پٽ هئڻ جي ناتي سندس پرورش انتهائي لاڏ ڪوڏ سان ٿي ڇاڪاڻ جو سندس والد محمد عثمان ڏيساورڏانهن ڍڳن جو واپار ڪندو هو ۽ پنهنجي تر جو نيڪ مرد پڻ هو. پنجن سالن جي سن کي رسڻ مهل ننڍڙي غلام محمد کي ناظره قرآن پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ حافظ دودي حجام جي معلمي هيٺ ڇڏيو ويو. جتان هن قرآن جي تعليم مڪمل ڪئي. تنهن کان پوءِ ٻه درجا سنڌي پڙهيو . ننڍي هوندي کان ئي غلام محمد کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق هوندو هو. هن پنهنجي والد سان اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن کيس معصوم ٻار سمجهي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڍڙو غلام محمد اڻ مڙ ۽ اجهل هو. هڪ ڏينهن پنهجي والد سان گڏ سنبري پيو ۽ ضد ٻڌي بيٺو ته ڪنهن به حالت ۾ هندستان گهمڻ هلندس.لاچار محمد عثمان کي سندس ضد مڃڻو پيو ۽ پنهنجي وقت جو انتهائي ڏاهو ۽ دانشور شخص ۽ پختو شاعر، اٺن سالن جي عمر ۾ احمد آباد اچي پهتو، جڏهن سندس جيڏا اِٽي ڏڪر يا اوڙيو راند کيڏي رهياهئا. سندس داخلا احمد آباد ۾ ڪرائي ويئي، جتي هن اڳتي هلي هندي ۽ گجراتيءَ ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت احمد آباد سياسي سرگرمين جو محور هو. ڇاڪاڻ جو گانڌي ان کي پنهنجو مسڪن بنايو هو ۽ سندس آشرم تي سڄي هندستان جا وڏا وڏا سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرو ڪندا هئا. غلام محمد وچ ۾ وئڪيشن دوران ڳوٺ ايندو ويندو هو.جڏهن جواني جي عمر ۾ وک پاتائين ته سندس لاڙو علم ڏانهن وڌيو ۽ هو پنهنجي اندر جي اُڃ اجهائڻ لاءِ هندوستان جي  يونيورسٽين ۾ وڃي ليڪچر ٻُڌڻ لڳو.انهي اڀياسي اوک ڊوک دوران هن جن علمن م مهارت حاصل ڪئي تن ۾ تاريخ،جاگرافي،نجوم، هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد سرفهرست آهن. علم جي انهي جستجو منجهس شاعري جوشوق پيدا ڪيو ۽ هو سنڌي زبان ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري انتهائي پڪي پختي آهي جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. مثال طور؛

ويجها ٿيا وصال کي، ساري سڀ سبق،
ڏٺئون پنهنجي ڏيل ۾، سبع صاف طبق،
هنيين جي هٻڪ، لاٿائون لله سين.

جبل جهاڳيائون، مٽيا سَنڌُ ساڻيهه جو،
منزل ماڻيائون، ڪشالي سان ڪوه جي.

سنڌيءَ کانسواءِ هندي،اردو،سرائيڪي ۾ شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ سوين مضمون ۽ مقالا لکي سنڌي نثر جي ميدان جي به آبياري ڪيائين. سنڌي لغات نويسي به سندس شوق ۾ شامل هئي ۽ کيس انهي علم تي به دسترس هوندي هئي. سندس شاعريءَ جي مجموعو “ويجها ٿيا وصال کي” سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپجي نروار ٿيڻ کانپوءِ به هي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن؛

  1. وساريان نه وسرن (متروڪ سنڌي لفظن جي لغات)
  2. رتن ڪڻا ريت جا ( سياست،تاريخ، ثقافت بابت مضمون)
  3. ساڻيهه جني ساريو (شاعري)
  4. سِيرَسَوَلي تن کي (آتم ڪٿا)
  5. ڀلو چُڻايو ڀاٽيين….! (جنجهي (ڀاٽي) قبيلي جو شجرو)

علم جي مُتلاشي غلام محمد جنجهي سياست ۾  تمام سرگرميءَ سان حصو ورتو.آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪانگريس جي ساٿ ۾ ڪم ڪيائين. سرڳواسي پنهون مل گوڙهيار وارو ۽ ڀاڳچند ڪوٽڪ مٺيءَ وارو سندس خاص دوست هوندا هئا.تنهنکانپوءِ پنهنجي مرشد ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور رهنما پير غلام مجدد سرهندي مٽياريءَ واري جي هدايتن تي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ضلعي ٿرپارڪر ۾ ذميواري سونپي ويئي. جنهن دوران پاڻ مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جستجو ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪيائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 60 جي ڏهاڪي ۾ سندس ويجهڙائي جماعت اسلامي سان ٿي ڇاڪاڻ ته هو حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي کان وٺي مولانا ابوالاعلى مودودي کي ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو هو. جماعت سان انهي هم آهنگي ۽ وابستگي جو پيچ اهڙو ته پيو جووڪڙيي جهڙي ڏورانهين ڳوٺ،  سندس اوطاق تي جماعت جا ڪيترا ئي اهم رهنما پڻ ڪهي ايندا هئا جن ۾؛  مولانا جان محمد ڀٽو، حافظ محمد حيات، سيد علي مير شاه، پروفيسر سليمان طاهر ۽ مولانا محمد يوسف آفندي،ائڊووڪيٽ  نعمت الله خان سرفهرست آهن. اهو تعلق علمي تعلق جي صورت ۾ سگهارو رهيو پر بابا سائين ڪڏهن به جماعت اسلاميءَ جو ميمبرنه رهيو.

مقامي سياست ۾ ارباب خاندان سان وابستگي ۽ مرحوم ارباب امير حسن سان ويجهڙائي جو تعلق هجڻ جي ڪري سدائين ارباب گروپ جي حمايت ڪندو هو ۽ پنهنجي اختلاف راءَ جو اظهار پڻ واضح لفظن ۾ ڪندو رهندوهو. تنقيد براءِ تعمير سندس  دلپسند مشغولي  هوندي هئي. سياست جي اٽڪل بازين، چالاڪين، مالي مفادن ميڙڻ کان پري، غلام محمد جنجهي سچو، کرو ۽ بي باڪ سماجي ڪارڪن هو جنهن هروقت پاڻ کان ڏاڍي کي سچ چئي ڏنو پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي. ان سچ جي عيوض  کيس ڪيڏي وڏي قيمت ڇو نه چڪائڻي پئي هجي. سياست جي ڪارزار کان سواءِ هو حڪمت به ڄاڻندو هو ۽ سندس هٿان ڪيترائي لاعلاج مريض شفاياب ٿيا. نجوم ، هٿ ريکائن جي وديا، ۽ علم الاعداد تي به کيس دسترس هوندي هئي. پر انهن علمن کي هو پروفيشن ڪرڻ جي بجاءِ شوقيه هلائيندو هو. سندس ڪيل  ڪيتريون ئي اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون .

ٿرپارڪر سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ ، هيڻن جو حامي غلام محمد جنجهي انسان شناسي،تاريخ،جاگرافي ۽ ثقافت جي اٿاه ڄاڻ رکندڙ شخص هو. ٿر ۾ رهندڙ ذاتين، انهن جي ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سمورن پهلوئن بابت سندس ڄاڻ  وڏي کاڻ هئي جنهن مان هر ڪچهري ڪندڙ پنهنجي حال آهر کوٽائي ڪري املهه هيرا هٿ ڪيا هوندا پر غلام محمد جنجهي جي ڄاڻ جي اٿاه سمنڊ جو ٻيو ڪنارو نظر نه ايندو هو. جن به ساڻس ڪچهريون ڪيون هونديون اهي ئي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي سگهن ٿا. طبيعت ۾ انتهائي نهٺو، بهادر، غيور ۽ ڪارونجهر وانگر هن اڏول شخص ڪڏهن به اسٽيجي زندگيءَ جي نامکار ۽ مشهوريءَ جي نه خواهش ڪئي، نه وري ڪوشش ڪئي. هو عالمن ۽ بادشاهن سان به ڪلا ڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪري سگهندو هو ته عام هر هاريءَ سان به  ڳن جي ڄاڻ مطابق  احوال اوريندو هو. هرهڪ کيس پنهنجي طبقي جو شخص سمجهندو هو.

سنڌي، اردو ،فارسي،هندي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جي ڄاڻ رکندڙ هن شخص جي زبانداني ته سندس شاعري ۽ نثر مان نروار آهي. جنهن ساڻس اندر اور ۾ حصو ورتو هوندو کيس خبر هوندي ته غلام محمد جنجهي جي علمي ائپروچ ڪيڏي نه اتاهين هئي.

سماج سڌارڻ جي ايترو ته کيس لگن هوندي هئي جو هو ٿرپارڪرجي اجتماعي مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وقت جي حڪومتن کي خط لکي آگاه ڪندو رهند هو. جنهن سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا يا حل ٿيڻ طرف وڌيا،

اٽڪل ڏه ڏهاڪا ڀرپور زندگي گذارڻ دوران غلام محمد جنجهي برصغير جي تمام نامور هستين کي ويجهي کان ڏٺو ،تن ۾ قائداعظم محمدعلي جناح،گانڌي، سائين جي ايم سيد ، پير غلام مجدد سرهندي، سيد ابوالاعلى مودودي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙيون ناليريون شخصيتون شامل آهن.

ٿرپارڪر جي هن قادرالاڪلام شاعر،دانشور،منجم ۽ ماهر سماجيات، 16 جون 2010 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. عمر جي آخري حصي ۾ به  سندس صحت ايترو ته سٺي هوندي هئي جو بغير عينڪ جي اخبار پڙهند هو.. هلڻ ڦرڻ ۾ اهڙ و ته وک جو ڇانڊو هوندو هو جو کيس جوان به نه رسندا هئا. هٿ اهڙي گرمجوشيءَ سان ڏيندو هو جو سامهون واري کان سيسراٽ نڪري ويندا هئا. غلام محمد جنجهي هن فاني جهان مان منهن مٽائي ويو آهي پر سندس علمي ورثو موجود آهي جنهن مان معنى جا موتي ميڙي سگهجن ٿا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *