خانپورمھر ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

70 Views

خانپورمهر (رپورٽرافتيازپتافي) خانپورمھر ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي آفيس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، مختلف هنڌن تان شهرين، سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي پياري ملڪ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو
خبر.موجب.. ملڪ جي ٻين شهرن جيان خانپور مهر ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي قومي ترانو ڳايو ويو، جنهن بعد ٽي ايم او خانڳڙھ ٻانهون خان مهر، استاد حضور بخش مھر، استاد نصراللہ چنو، لياقت شاھ، غلام شبير مهر، برڪت مهر، عزيز مهر ۽ ٻين قومي جهنڊو ڦڙڪايو، ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي ٽي ايم او ٻانھون خان مھر چوڻ ھو تہ آزادي ھڪ عظيم نعمت آھي اسان کي انھي جو قدر ڪرڻ گھرجي انھن چيو تہ آزادي جو قدر صرف اھي ڄاڻين ٿا جيڪي آزادي جھڙي نعمت کان محروم آھن، انھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ اڄ اسين جيڪو آزادي جو ڏينھن ملھائي رھيا آھيون اھو سڀ اسان جي بزرگن جي محنت ء قربانين جو نتيجو آھي ء اسان انھن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء جشن آزادي جو ڏينھن ملھائي رھيا آھيون،تقريب جي اختتام تي ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا پڻ گھري وئي ۽ مٺائي پڻ ورهائي وئي، هوڏانهن خانپور مهر شهر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران سخاوت علي سمون، قربان علي مهر، معشوق سمون، الطاف ميراڻي، ارشاد مهر، عبدالمالڪ مهر، عبدالقادر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ان موقعي تي شهرين پاران هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي قومي گيت تي رقص ڪيو ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا پڻ هنيا، ريلين ۾ شريڪ اڳواڻن اهو عزم ورجايو ته اسين هر سال جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا رھندا سين

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *