ھالاڻي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي، ھڪ ئي ڏينھن ۾ ٻہ موٽرسائيڪلون ڦر

62 Views

ھالاڻي ٿاڻي جي حد مان ھڪ ئي ڏينھن ۾ ٻہ موٽرسائيڪلون ڦر خبرمجب، ھالاڻي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي پورھيت مزدوري ڪري گھر واپسي ويندي بھلاڻي ڀرسان ھالاڻي محرابپور لنڪ روڊ تان ڳوٺ سھراب انڙ جي رھواسي نصير انڙ کان نامعلوم ڦورن ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن تہ ساڳئي ڏينھن ھالاڻي ٻرسان محبت ديرو ھالاڻي لنڪ روڊ تان ھالاڻي واسي جاويد مڱڻھار کان نامعلوم ڦورن موٽرسائيڪل ، موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري باآساني سان فرار ٿي ويا اھڙي عمل خلاف انڙ برادري جو روھڙي ڪئنال پل روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ھالاڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھالاڻي ۽ آسپاس ۾ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن پوليس ڏوھن تي ڪو بہ ضابطو آڻي نہ سگھي آھي ۽ انتظاميا پڻ بي وس بڻيل آھي ھنن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو تہ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ۽ بدامني ختم ڪرائي وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *