ميهڙ: قومي عوامي تحريڪ ميهڙ طرفان سرداري، جاگيرداري نظام، پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

60 Views

ميهڙ(رپورٽ راجا اطهر ڳورڙ)
قومي عوامي تحريڪ ميهڙ طرفان سرداري، جاگيرداري نظام، پاڻي جي کوٽ خلاف ۽ سنڌ جون زمينون سنڌي هارين ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ گهنٽاگهر چونڪ تي ڌرڻو سرداري نظام نامنظور جا نارا
تفصيل ميهڙ قومي عوامي تحريڪ ميهڙ پاران مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي دادو ضلعي جي جنرل سيڪريٽري پاويل جوڻيجو تعلقي ميهڙ جي صدر خادم سولنگي ،سينيئرنائب صدر ساجد علي سوڍر،نائب صدر شبير چانڊيو ،سبحان تيوڻو مزمل ڏيپر گل حسن سوڍر،ديدار کوسو صاحب سوڍر عاشق سوڍر دانش سومرو سونو شيخ وڪيل سجاد چانڊيو حبيب چانڊيو تنوير چانڊيو نورنبي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ قاضي عارف روڊ کان ساجد سوڍر جي رهائش گاه کان احتجاجي مظاهرو ڪري هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ميهڙ شهر ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن منور علي جتوئي ،خادم سولنگي ،شبير چانڊيو ، حبيب چانڊيو۽ ميھڙ فورم جي چيئرمين ايڊووڪيٽ ذوالفقار کوکر خطاب ڪندي چيو ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام انسانيت خلاف نظام آهي ان جي خاتمي کان سواء انسان ۽ انساني سماج ترقي نه ڪندو نه سماج مان جبر ،ظلميت جو خاتمو ايندو ان ڪري سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاء انسانن کي بغاوت ڪرڻي پوندي جيڪي زاتيون پنهنجي سردارن لاء زندگيون وڃائي ٿا ڇڏن ڪڏنهن انهن سردارن پنهنجي زات ماڻهن کان پڇيو آ ته اهي مسڪين ڪهڙي عزاب مان گزري رهيا آهن انهن جي چلھ ٻري ٿي يا پيٽ بکايل ٻچن کي ماء لولي ڏئي سمهاري ٿي ڇڏي دنيان بنا سردارن جي ادل انصاف سان ترقي ڪري رهي آهي اساڪ 5 هزار سال پراڻي تحزيب جا وارث دنيا جي هر سهولت کان محروم لاوارث لڳا پيا آهيون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *