يوسي نئون آباد جي سيڪريٽري خلاف هالاڻي جي ريلوي ڪالوني واسين جو احتجاج

72 Views

هالاڻي
يوسي نئون آباد جي سيڪريٽري خلاف هالاڻي شهر جي ريلوي ڪالوني جي رهواسين صدام حسين گاڏهي ربنواز عارباڻي فرمان سھتو علي حسن نظير گاڏھي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شهر جي ريلوي ڪالوني ۾ نالين جي صفائي نہ ٿيڻ ۽ گٽر بند هئڻ ڪري شهر جو گندو پاڻي اسان جي گھرن ۾ ڪاھي پيو آھي بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود به ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ھنن چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ ھڪ دفعو به نالن جي صفائي ناھي ڪرائي وئي ھر ماھ ايندڙ يوسي ۾ پنج لک بجيٽ هڪ لٺ ۽ ٻئي پٽ جا سيڪريٽري ڪوڙا ووچر ۽ بل ٺاهي عوام جي مال کي غنيمت سمجهي هڙپ ڪري رهيو آهي ھنن چيو ته پبلڪ ھيلٿ ڊسپووزل کوھ نه ھلڻ ڪري گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ تلاء جي صورت اخيتيار ڪري ويو آھي جنھن ڪري ننڊڙن ٻارڙن کي مسجد توڙي اسڪول وڃٖڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رھيو آھن ھنن بلديات جي وزير ۽ اعليٰ حڪام کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي ڪري گندگي جو آزار ختم ڪيو وڃي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.