بڪيراشريف لڳ ڳوٺ لونگ دل ۾ ڳوٺاڻن جو پرائمري اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ خلاف احتجاج

67 Views

بڪيراشريف ماڻڪ حڪيم

بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ لونگ دل ۾ گذريل 14 سالن کان پرائمري اسڪول جي بلڊنگ نه هئڻ سبب ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل
خبر موجب : بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ لونگ دل ۾ ڳوٺاڻن جو پرائمري اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري احتجاج ڪيو انهي موقعي تي رهواسين هاشم دل، استاد محمد عرس جروار، عثمان دل، فدا دل، ياسين دل احتجاجي ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا سخت سردي ۾ کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن اسڪول ۾ ٻارڙن جو تعداد 100 کان وڌيڪ آهي جڏهن ته سخت سردي سبب ٻارڙن کي اوطاق اندر پڙهائي رهيا آهن جڏهن ته سال 2008 ۾ ڊي سي ٽنڊوالهيار عبدالرشيد زرداري وزٽ ڪري اسڪول جي بلڊنگ جو اعلان ڪيو هو جيڪو صرف اعلان هي رهيو چونڊيل نمائندن کي بار بار چوڻ باوجود اسڪول جي بلڊنگ ناهي ملي سگهي، اسان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريو اسڪول جي سرڪاري بلڊنگ مهيا ڪئي وڃي ته جئين اسان پنهجي ٻارن کي بهتر ۽ سٺي سان تعليم ڏياري سگهون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.