سوڀوديرو لڳ ڳوٺ حاجي نور محمد مڱڻيجو ۾ پرسرار ۾ بيماري ۾ مبتلا خاندان جو وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت

86 Views

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ حاجي نور محمد مڱڻيجو ۾ پرسرار ۾ بيماري ۾ مبتلا خاندان جو وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، ٽي ڄڻا وڌيڪ بيماري ۾ مبتلا تفصيل موجب: سوڀوديرو لڳ ڳوٺ حاجي نور محمد مڱڻيجو جو رهواسي علي خان مڱڻيجو آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اتي موجود ڳوٺاڻن ٻڌايو تہ علي خان محمد مڱڻيجو جيڪو شڪار گاهہ کاتي م ملازم هيو جيڪو بعد ۾ ذھني مريض بڻجي ويو ۽ جڏھن تہ اڳ سندس ٽي ڀائر ذھني مريض ٿي فوت ٿي ويا آھن هن وقت ٽي ڀائر زنده آھن جيڪي هن وقت بہ ذھني مريض آھن انھن جو هڪ ڀاءُ گونگو ۽ هڪ ڀيڻ جيڪا بہ ذھني مريض ۽ گونگي اٿن، فوتي علي خان مڱڻيجو شڪار گاهہ ۾ انسپيڪٽر ۽ سندس ڀاءُ امام علي مڱڻيجو سنڌ پوليس ۾ آفيسر هيو جيڪي اڌ عمر کان ذھني مريض ٿي ويا ۽ نوڪريون ڇڏي ڏنيون. جڏهن ته علائقي واسين حڪومت سنڌ ۽ صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ جوڙي ھن خاندان جي بيماريء جي تشخيص ڪري سندن علاج ڪرايو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.