ناڻي جي وفاقي وزير ايندڙ ٽن مهينن ۾ مهانگائي نه گهٽجڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

72 Views

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير ايندڙ ٽن مهينن ۾ مهانگائي نه گهٽجڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ شيون مهانگيون ٿيون

 تيل مهانگو ٿيڻ سبب واپاري خسارو وڌيو ۽ افغان بحران جي ڪري رُپئي تي دٻاءُ پيو، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ بار پگهاردار طبقي تي پيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پگهاردار طبقي لاءِ نئون پروگرام شروع ڪريون پيا، سندن آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين

پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو تھ ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ٽن مهينن تائين اگهه نه گهٽجن،2 فيبروري تي سينيٽ مان مني بجيٽ پاس ڪرائي وينداسين، نانگ مرندو ۽ لٺ به نه ڀَڄندي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.