هڪ هفتي دوران ويهه عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ، شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

65 Views

لاهور: (ڇنڇر 12 مارچ 2022ع) ملڪ ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 16.49 سيڪڙو ٿي وئي. هڪ هفتي دوران 20 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي. شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي واري رپورٽ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران برائلر مرغي 24 روپيه 45 پئسا، بصر 3 روپيه 80 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، اڍائي ڪلو گيهه جو ڊٻو، 4 روپيه 50 پئسا مهانگو ٿيو.


ننڍي جو گوشت 2 روپيه 38 پئسا، وڏي جو گوشت 33 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. هڪ هفتي دوران چانهه، چانور، مسور جي دال چڻن جي دال مهانگي ٿي. 9 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽماٽا 15.65 روپيه في ڪلو ۽ ٿوم 14.17 روپيه في ڪلو سستي ڪئي وئي.


هفتيوار بنيادن تي بيضا 69 پئسا في درجن، ماش جي دال 72 پئسا في ڪلو ۽ مڱن جي دال 65 پئسا في ڪلو ٿي ويو. اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 2 روپيه 51 پئسا ۽ کنڊ 65 پئسا في ڪلو سستي ٿي ويا. هڪ هفتي جي بنياد تي 22 ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.