سنڌ حڪومت 11 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي
49 Views
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سروسز کاتي جي 11 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ افشان ناز ۽ بلقيس شاھ سميت 437 ميل ۽ فيميلز کي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي
سروسز کاتي جي ايڪس پي سي ايس گروپ جي 7 ۽ پي ايس ايس گروپ جي 4 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي، ڪاليج کاتي جي 266 ميل ۽ 171 فيميلز کي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي
چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ ڪامورن ۽ ڪاليجي استادن کي ترقين جي منظوري ڏني وئي، سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي