سپريم ڪورٽ جو سنڌ حڪومت کي ريلوي لائن سان گڏ حددخلين جي خاتمي جو حڪم

259 Views

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي ريلوي لائن سان گڏ قائم حددخلين جي خاتمي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ريلوي خساري پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ چيف ايگزيڪٽو ريلوي عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته ريلوي پنهنجي رپورٽ ۾ تصويرون هڻي ڇڏي ته ان مان ڪا خبر نه پوندي، تصويرون ته ريلوي جي سموري زمين تي حددخليون ڪيون ويون آهن، ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي پاسن کان اڏاوتون ڪيون ويون آهن.

عدالت سي اي او ريلوي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي ٽريڪ سان گڏ بلڊنگز بڻيل آهن ڪيئن ٽرين هلندي؟ ان تي سي اي او ريلوي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اسان کان پوسٽ وٺي سموريون حددخليون ختم ڪندي.

چيف جسٽس پاڪستان سي اي او ريلوي سان مڪالمو ڪيو ته توهان کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ذميوار آفيسر بڻجي ڏيکاريو، توهان پاڻ اُتي وڃي ڏسو ڪهڙي قدر حددخليون ڪيونويون آهن، سرڪاري زمين جي توهان کي پرواهه ناهي؟ ٽريڪٽر وٺي وڃون ۽ سموريون حددخليون ڊاهي پٽ ڪيو.

چيف جسٽس پاڪستان سنڌ حڪومت کي ريلوي سان گڏ قائم حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت حددخلين تي فوري ايڪشن وٺي، ريلوي جي هڪ انچ زمين تي به ناجائز قبضو برداشت نه ڪيو ويندو.

عدالت کان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ ريلوي لائن تي انڊر پاسز جي اڏاوت جو ڇا ٿيو؟ سرڪار اسان کي پراگريس ٻڌائي، اسان کي پڇي نه ته ڇا ڪرڻو آهي.

 سنڌ حڪومت جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته سرڪلر ريلوي لاءِ ايف ڊبليو او 11 انڊر پاسز جي سروي ڪئي، باقي 13 انڊر پاسز جو جلد ئي سروي ٿي ويندو، ايف ڊبليو او اسان کي ڊيزائن ۽ لاڳت ٻڌائيندو ته ڪنٽريڪٽ ايوارڊ ٿي ويندو.

سنڌ حڪومت جي اختيارين جي موقف تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته انڊر پاسز ۽ اوور هيڊ بريجز جي اڏاوت اسٽيٽ آف دي آرٽ هئڻ گهرجي، اڏاوت اهڙي نه هجي جو ڪراچي تي داڳ بيهي رهي.

ريلوي واري سيڪريٽري عدالت کي  خاطري ڪرائي ته ريلوي جي زمين تي قبضو ختم ڪرائينداسين.

بعد ۾ عدالت ريلوي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.