واٽس ايپ واهپيدارن جو وڏو مطالبو تسليم ڪري ورتو، بهترين فيچر متعارف

146 Views

واٽس ايپ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپليڪيشن آهي جنهن جي واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي.

پر واٽس ايپ جي واهپيدارن کي گھڻو ڪري هڪ  ئي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندوآهي ۽ اهو اِهي مسئلو فون جو اسٽوريج اسپيس ڀرجڻ آهي جيڪو ان ايپليڪيشن ۾ دوستن ۽ ڪانٽيڪٽس طرفان موڪلي وڊيوز ۽ تصويرن جو نتيجو هوندو آهي.

پر هاڻ واٽس ايپ واهپيدارن جو سڀ کان وڏو مطالبو مڃيندي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو فائلز کي دريافت ۽ ڊليٽ ڪرڻ جو عمل سولو بڻائيندو.

ان نئين ٽول کي هلندڙ هفتي سڄي دنيا ۾ واهپيدارن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هن وقت واٽس ايپ ۾ اسٽوريج يوزايج ٽول گھڻي سادي قسم جو اهي جنهن ۾ رڳو اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ايپ جي فائلز فون جي ڪيتري ميموري تي قبضو ڪري ورتو آهي.

هر چيٽ ۾ ميسينجر، تصويرون، جي آءِ ايف ۽ وڊيوز جو انگ ڪيترو آهي ۽ هر هڪ ۾ ڌار ڌار هر ڪيٽيگري کي ڊليٽ ڪري سگھجي ٿو.

اهو فيچر ڪم جو ته آهي پر واهپيدارن کي موقعو ناهي ملندو ته ڪهڙي طرح جو مواد ڊليٽ ڪجي، خاص طور تي ڪنهن فيملي گروپ چيٽ کي واهپيدار صاف ڪندي اهم تصويرون يا وڊيوز کي بچائڻ چاهيندا آهن.

پر اهو نئون ٽول مواد جو ٿمبنيل واهپيدارن جي سامهون پيش ڪندو جڏهن ته گروپ جي ڊيٽا کي مختلف ڪيٽيگريز جهڙوڪ فارورڊ ميني ٽائيمز ۽ لارجر دين 5 ايم بي جي شڪل ۾ پيش ڪندو.

واٽس ايپ هڪ ٽوئيٽ پيغام ۾ ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اسان مواد کي ريويو، ڊليٽ ۽ اسپيس خالي ڪرڻ جو عمل سولو بڻايو ويو آهي.


ان سان واهيپدارن لاءِ مواد کي سڃاڻڻ سولو ٿي ويندو جيڪو سندن نظر ۾ غير ضروري يا هاڻ ان جي ضرورت ناهي رهي ۽ ڊليٽ ڪري سگھجي ٿو.

اهو نئون فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ اوپن ڪيو ۽ سيٽنگز ۾ وڃي اسٽوريج اينڊ ڊيٽا ۽ پوءِ مينيج اسٽوريج ۾ وڃو.

ان فيچر تي ڪجهه هفتن کان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ آڪٽوبر ۾ بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ هو سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *