”ڪو به انسان خوف ۽ زنجيرن ۾ جيئڻ جو حقدار ناهي“

65 Views

ناليواري اداڪارا ارمينا رانا خان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ خلاف آواز اٿاريندي چيو آهي ته ڪو به انسان خوف ۽ زنجيرن ۾ جيئڻ جو حقدار ناهي.

سڄي دنيا ۾ مودي سرڪار طرفان 5 آگسٽ جي غير قانوني قدم جي مذمت ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ شوبز شخصيتون پڻ اڳڀريون آهن.

ان حوالي سان اداڪارا ارمينا خان نيو يارڪ ۽ لنڊن ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ روشن ڪيل بل بورڊن جون تصويرون ٽوئيٽر تي جاري ڪندي لکيو ته ڪو به انسان خوف ۽ زنجيرن ۾ زندگي گذارڻ جو حقدار ناهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪشميري لائيوز ميٽر جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *