ٿر مان ڳاڙهو گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ 16 ليزون ڏيڻ جو اعتراف

74 Views

 سنڌ جي معدنيات واري وزير  مير شبير بجاراڻي اعتراف ڪيو آهي ته ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر تعلقي ۾ موجود 26 ارب ٽن ڳاڙهي رنگت واري گرينائٽ جي کوٽائي لاءِ مختلف ڪمپنين کي  سال 2030ع  تائين گرينائيٽ  جون 16 ليزون ڏنيون ويون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪراچي جي ڪوهنور ماربل انڊسٽري کي 9، ٿر منرل پروسيسنگ ۽ پارڪر گرينائيٽ کي 2، 2 ۽ باقي ڪمپنين کي هڪ، هڪ ليز ڏني وئي آهي. ليزن بابت تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته ڪوهنور ڪمپني کي پارڪو ۾ 325.7 ايڪڙ، ڪارونهار ڏونگري ۾ 675 ايڪڙ، رڙڪون ۾ 766.25 ايڪڙ، کاريو ۾ 800 ايڪڙ، سکپور ۾ 699.25 ايڪڙ، گهرلياري ۾ 575 ايڪڙ، واڻڪي وسي ۾ 493.27 ايڪڙ، چڻي داڻا ۾ 659 ايڪڙ ۽  چوڙيو ۾ 234 ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪوهنور ڪمپني کي سال 2000ع ۾ 5 سالن جي ليز ڏني وئي هئي، جنهن ۾ 30 سالن جو واڌارو ڪيو هو، هاڻ ڪوهنور وارا 2030ع تائين ليز ڪيل 9  علائقن ۾ گرينائٽ جي کوٽائي ڪري سگهن ٿا، هن ٻڌايو ته ڪي ايم منرلز کي واڌائي ۾ 100 ايڪڙ جي 2012ع ۾ هڪ سال لاءِ ليز ڏني وئي هئي، ساڳئي ريت پارڪر گرينائيٽ کي ويراواهه ۾ 20 ايڪڙ ۽ پارا ڍورو ۾  18 ايڪڙن جي 2012ع ۾ هڪ سال لاءِ ليز ملي هئي، رانا منير احمد کي روڙ پور ۾ 50 ايڪڙن جي ليز ملي هئي، هن چيو ته ٿر منرل  پروسيسنگ کي ننگر پارڪر ۽ پيراڻو تڙ ۾ ترتيبوار 220 ۽ 18 ايڪڙن جون1994ع ۾ ليزون ڏنيون ويون هيون. جيڪي 2019ع ۾ ختم ٿي ويون، هن ڄاڻايو ته ريڊ برڪس ڪمپني ڪراچي کي ڳوٺ ڪارسار وٽ 24 ايڪڙ زمين جي 2014 ۾ ليز ڏني وئي، جيڪا پڻ 2015ع ۾ ختم ٿي وئي، هن چيو ته فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن(ايف ڊبليو او) راولپنڊي کي ويراواهه وٽ 609.75 ايڪڙن جي 1995ع ۾ ليز ڏني وئي ،جنهن کي لاءِ 25 سال وڌائي 2030 ع ڪيو ويو هن چيو ته هن وقت ڪوهنور ماربل انڊسٽريز ۽ ايف ڊبليو او جون10 ليزون فعال آهن. صوبائي وزير شبير بجاراڻي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪارونجهر ۾ گرينائيٽ جي کوٽائي تي مقامي ماڻھن جي احتجاج بعد پابندي لڳائي وئي آهي ، هن چيو ته مقامي ماڻھن اعتراض واريو هو ته ڪارونجهر جو علائقو هيريٽيج ايريا ( قديمي ماڳ ) ۾ اچي ٿو، ان ڪري سنڌ حڪومت ڪارونجهر مان گرينائيٽ جي کوٽائي تي پابندي لاڳو ڪئي آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *