حڪومت جو مهانگائي سٽيل عوام کي هڪ ٻيو تحفو: بجلي هڪ روپيو ڇهه پئسا في يونٽ مهانگي

75 Views

 نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب بجلي آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي ان جو لاڳو صرف جنوري جي مهيني وارن بلن تي هوندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ به ڊسمبر 2020 ۾ به بجلي 1 روپيو 11 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته ماضي ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) مهانگي بجلي پيدا ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي سفارش ڪئي هئي ته پراڻن پاور پلانٽن کي بند ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *