پي ٽي آءِ سرڪار طرفان ساڍا 4 کرب اندروني قرض وٺڻ جو اعتراف

63 Views

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار گذريل ٻن سالن ۾ قومي مالياتي ادارن کان ساڍا 4 کرب قرض وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سينيٽ اجلاس دوران وفاقي ناڻي کاتي طرفان اندروني قرضن بابت لکت ۾ جواب جمع، ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته 2018 کان 2020ع تائين قومي مالياتي ادارن کان 4.5 کرب رُپين جا اندروني قرض ورتا ويا، حڪومت شيڊولڊ بئنڪس کان 1.8 کرب ۽ اسٽيٽ بئنڪ کان 3.6 کرب قرض ورتو، گذريل ٻن سالن دوران عالمي ادارن کان به 5 ارب ڊالرز قرض وٺڻ جو اعتراف، ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته ٻن سالن ۾ 16.4 ارب ڊالرز پرڏيهي ۽ 19.9 کرب رُپيا اندروني قرض واپس ڪيا ويا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *