اتحادي پارٽيز جَي پوئتي هٽڻ جِي صورت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي سگهي ٿي: نواز ليگ

48 Views

لاهور (بيورو رپورٽ) اتحادي پارٽيز جَي پوئتي هٽڻ جِي صورت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، پي ڊي ايم وٽ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ وارو آپشن به موجود آهي، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٽن سالن کان چوري جو گوڙ ڪندڙ چور پڪڙجي پيو آهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان اليڪشن ڪميشن آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ عمران خان کي سزا ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته شيخ رشيد ٻيهر شريف ڀائرن کان معافي وٺندو، پر هن ڀيري کيس معافي نه ملندي، جعلي حڪمرانن خلاف هنن ئي عدالتن ۾ ڪيس هلندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *