حڪومت روسي ڪورونا وئڪسين جَي هنگامي استعمال جِي اجازت ڏئي ڇڏي

61 Views

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت روسي ڪورونا وئڪسين جَي هنگامي استعمال جِي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن بورڊ طرفان اي جَي پي فارماسيُوٽِيڪل ڪمپني کي وئڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏني، اختيارين جو چوڻ آهي ته روسي وئڪسين ڪورونا وبا خلاف 92 سيڪڙو اثرائتي آهي، پنجاهه هزار خوراڪن تي ٻڌل پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي آخر تائين پاڪستان پهچي ويندي، وئڪسين کي ڪاٽو 18 ڊگري تي اسٽور ڪرڻ لازمي هوندو.رپورٽ موجب روس جي اسپٽنڪ فائيو ڪوڊ 19 ويڪسين ملڪ ۾ هنگامي استعمال جي لاءِ منظور ٿيڻ واري ٽئين ويڪسين بڻجي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *