غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ چئن ڄڻن اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاء پوليس جو آپريشن

68 Views

ڪنڌڪوٽ رپورٽر۔شاهجهان کوسو
ڪنڌڪوٽ ڀرسان غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ چئن ڄڻن اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاء پوليس جو ڳڙهي تيغو واري علا ئقي ۾ آپريشن
غوثپور جي ڪچي واري علائقي
۾ پوليس پاران چئن مغوين جي بازيابي لاء آپريشن ڪيو ويو آهي ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ مغوي علي جان۔ غلام شبير جعفري۔ امان الله جعفري۔ ياسين نندواڻي ۔ جي بازيابي لاء آپريشن ڪيو ويو آهي
پوليس جي اچڻ کان اڳ ڏوهاري
گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس پاران ڌاڙيلن جي گهرن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو غوثپور ڀرسان ڳوٺ نثار سبزوئي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي جتي اڄ صبع جوضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي علي بخش ڍَکَڻَ جي اڳواڻي ۾ بڪتربند APCچين ساڻ ڪري آپريشن ڪيو ويو آهي اي ايس پي ڪنڌڪوٽ جو چوڻ هو ته ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ڌاڙيل چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آپريشن چئن مغوين جي بازيابي لاء ڪيو ويو پر پوليس جي اچڻ کان اڳ جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد پوليس اتان جا جيڪا روپوش جوابدار نثار سبزوئي ۽ عبدالجبار سبزوئي جي گهر کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو ٽن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى
اي ايس پي جو چوڻ ھو ته ڪنهن به ڏوهياري کي بخش ڪون ڪبو چئن مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *