دبئي ۾ دوست هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه دبئي کان خانپور مهر پهچايو ويو

92 Views

خانپور مهر(رپورٽرافتيازپتافي) 10 ڏينهن پهريان دوبئي ۾ دوست هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جو مڙهه دوبئي کان لاهور پهچڻ بعد ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو، مقتول جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. خبرموجب؛ 10 ڏينهن پهريان دوبئي ۾ دوست هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان آدم مهر جو لاش دوبئي کان ڪارگو ذريعي لاهور آندو ويو جتان نوجوان آدم مهر جو مڙهه ايمبولينس ذريعي خانپور مهر لڳ ڳوٺ رسول بخش مهر آندو ويو، نوجوان جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي جنازي نماز (اڄ) آچر ڏينهن 10 بجه ڳوٺ رسول بخش مهر ۾ ادا ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ نوجوان آدم مهر جو مڙهه مقامي قبرستان مٺڙي ۾ دفنايو ويندو، واضع رهي ته نوجوان آدم مهر کي 10 ڏينهن پهريان دوبئي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ دوست اربيلو راڄڙي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو دوبئي پوليس جوبدار اربيلو راڄڙ کي گرفتار ڪري ورتو هو جيڪو هن ٽائيم دوبئي پوليس جي حراست ۾ آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *