قومي اسيمبلي جي تڪ 221 تي ضمني چونڊن لاءِ اميدوارن پاران ورڪ مهم شروع

66 Views

مٺي(رپورٽ اعجاز جان بجير) قومي اسيمبلي جي تڪ 221 تي ضمني چونڊن لاءِ اميدوارن پاران ورڪ مهم شروع، اميدوارن پاران دستبردار ٿيڻ جو اڄ آخري ڏينهن، نون ليگ هيمن ڀيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار پير امير علي شاه جي حق دستبردار ٿي ويو.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار پاران مختلف ڳوٺن جا دورا ڪرڻ شروع ٿي ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ دوست علي راهمون، غلام حيدر سميجو به گڏ ورڪ ڪري رهيا آھن. مختلف ڳوٺن دورن وقت عوام پاران پير امير علي شاه کي ڀرپور موٽ ملي رهي آھي. ٻئي طرف پي ٽي آء اميدوار وڏيرو نظام الدين راهمون پاران اڃان تائين ورڪ مهم شروع نه ٿي سگهي آھي، عمرڪوٽ ۾ ٿيل اليڪشن ۾ ماڻھن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ڌرڻي کانپوء جي ڊي اي به اڃان خاموش نظر اچي رهي آھي ۽ اڃان تائين نه ميدان ۾ آئي نه ئي ڪنهن اميدوار جو باقائده سپورٽ جو اعلان ڪيو آھي. عوام پاران به پي ٽي آءِ پاران منتخب ڪيل اميدوار کي مقابلي لاءِ ڪمزور قرار ڏيئي رهي آھي. وڌيڪ 21 فيبروري تي خبر پوندي ڪنهن جو پلڙو بهاري آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *