شھدادپور:ڳوٺ جلال نوناري ۾ زال مڙس جي جهيڙي سبب ڳوٺ ميدان جنگ بڻيل متاثرن جو احتجاج

92 Views

شھدادپور (رپورٹ : رانا شاہد خلیل )

ڳوٺ جلال نوناري ۾ زال مڙس جي جهيڙي ڳوٺ کي ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو. سالن ڀڻيوين جو هڪ ٻئي تي لتن مڪن سروٽن جا وسڪارا گهرن کي باهيون متاثر دريون جو پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج مظاهرو ڌرڻو تحفظ ۽ انصاف جي گهر.

شھدادپور ويجهو ڳوٺ جلالo نوناري ۾ زال مڙس جي جهيڙي سبب ڳوٺ ميدان جنگ بڻيل متاثر ڌر زال ظاهران، ڪزبانو امير بانو شھناز حاتل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڌرڻو دانهيون ڪندي چيو ته عامر نوناري. ڪالو خيرو ۽ مهدي وارن اسان جي گهرن تي حملو ڪري لتن مڪن سروٽن سان وسڪارو ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب اسان جون عورتون ٻار مرد زخمي ٿيل آھن شھدادپور پوليس ڪائونسلر بيبل نوناري سان ملي ڀڳت ڪري سرعام منٿلي وٺي ڳوٺ ۾ جوا ھلرائي ٿي ۽ جوابدار خلاف ڪوبه قدم نٿي کڻي اڳوڻي ڪائونسلر بيبل سان ٻٽ بڻيل آھي اسان ايس ايس پي سانگهڙ ڊي آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان گهر ٿا ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *