سون اگهن ۾ واڌ وارو سلسلو بيهي ويو، اگهن ۾ لاٿ

92 Views

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي عالمي ۽ مقامي اگهن ۾ سومر (اڄ) کان واڌ جو تسلسل بيهي ويو ۽ اگهن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيرا طون جي قيمت 24 ڊالر گهٽجي 2030 ڊالر جي سطح تي اچي وئي جھنهن سان مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي ۽ في 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 3000 رپيا ۽ 2572 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

سون جي اگهن ۾ ٿيل گهٽتائي کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا بازار ۾ في تولي سون جي قيمت 1 لک 29 هزار رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت وڌائي 1 لک 10 هزار 597 رپين جي سطح تي اچي وئي آهي.

بلين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني سونارا مارڪيٽن ۾ سومر تي في تولي سون جي قيمت 1000 رپيا گهٽ رهي.

سومر (اڄ) سون جي في تولي چاندي جي قيمت به 400 رپين جي گهٽتائي سان 1670 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 34 رپيا 29 پيسن جي گهٽتائين سان 1431 رپيا 75 پيسن جي سطح تي اچي ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *