ايمن خان انسٽاگرام تي 70 لک فالوئرز رکندڙ پهرين پاڪستاني اداڪارا بڻجي وئي

63 Views

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ايمن خان انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوئرز جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.

ايمن خان انسٽاگرام تي 70 لک فالوئرز رکندڙ پهرين پاڪستاني اداڪارا بڻجي وئي آهي.

ان کان سواءِ ماهره خان جي انسٽاگرام فالوئرز جو انگ 64 لک آهي جڏهن ته ايمن خان جي ڀيڻ منال خان کي انسٽاگرام تي 58 لک ماڻهو فالو ڪري رهيا آهن.

اداڪاري ۽ خوبصورتي ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ اداڪارا سجل علي جي انسٽاگرام تي فالوئرز جو انگ 64 لک آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *