ٻيون ٽيسٽ: پاڪستان پاران بيٽنگ جو فيصلو، يارنهن سالن کان پوءِ فواد جي ٽيم ۾ واپسي

61 Views

پاڪستان انگلينڊ جي خلاف سائوٿ ايمپٽن ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اسان اهو محسوس ڪيو ته ٽيم ۾ هڪ اسپنر ڪافي آهي ان ڪري شاداب خان کي آرام ڏئي فواد عالم کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جهڙي طرح وڪيٽ تي گاهه موجود آهي ته هڪ اسپنر جي ئي ضرورت آهي ۽ اسان کي پنهنجي بيٽنگ کي به مضبوط ڪرڻو هو ان لاءِ فواد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. اظهر علي جو چوڻ هو ته موسم تمام گهڻي گرم آهي ۽ اسان ان جو ڀرپور فائدو کڻندي سٺو اسڪور ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ٻئي طرف انگلينڊ جي ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. ذاتي مصروفيتن سبب نيوزيلينڊ ويندڙ بين اسٽوڪس جي جڳهه زيگ ڪرولي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوفرا آرچر جي جڳهه سيم ڪرن کي موقعو ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *