صنم بلوچ ٻئي شادي ڪري ورتي، ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

71 Views

پاڪستاني اداڪاره ۽ مارننگ شو جي هوسٽ صنم بلوچ سوشل ميڊيا تي  پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ جي تصوير شيئر ڪري پنهنجي مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

صنم بل گذريل ڪافي سالن کان ٽي وي اسڪرين تان غائب آهي ان جو ڊرامو(خاص) گذريل سال نجي چينل تي نشر ٿيو هو ان کان پوءِ صنم بلوچ نه ته ڪنهن ڊرامي ۾ نظر آئي ۽ نه ئي ڪنهن مارننگ شو ۾. پر هاڻ اوچتو هن پنهنجي ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري پنهنجي چاهيندڙن سان خوشخبري شيئر ڪئي آهي ته هن نه صرف شادي ڪري ورتي آهي پر هاڻ هو هڪ خوبصورت ڌيءَ جي ماءُ به بڻجي وئي آهي.

صنم بلوچ عبدالله فرحت الله سان شادي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هي جوڙي شوبز جي پسنديده جوڙي بڻجي وئي هئي پر 2016 ۾ هنن ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي ڪهڙي سبب جي ڪري ٿي ان جي باري ۾ ٻنهي طرفان ڪوبه بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

هاڻ صنم بلوچ طرفان ڌيءَ جي تصوير شيئر ڪرڻ کان پوءِ اها خبر سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي ته صنم هڪ دفعو ٻيهر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي چڪي آهي پر هن ايتري خاموشي سان شادي ڪئي جو ڪنهن کي خبر به نه ٿيڻ ڏني ۽ نه ئي هن اها ڳالهه شيئر ڪئي آهي ته هن ڪنهن شخص کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊ ڪري ورتو آهي.

تصوير ۾ صنم پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجو سن شائن قرار ڏنو آهي. صنم بلوچ طرفان تصوير شيئر ڪرڻ کان پوءِ مداحن طرفان کيس مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *