پوري ملڪ جيان ٿرپارڪر ۾ به وطن عزيز جي 73 وين جشن آزادي جي سلسلي ۾ تقريبون منقعد ڪيون ويون

91 Views

مٺي (اعجاز جان بجير) سڄي ملڪ جيان ٿرپارڪر ۾ به وطن عزيز جي 73 وين جشن آزادي جي سلسلي ۾ وڏو جوش وخروش ـ ضلعي انتظاميا پاران جشن آزادي جي مک تقريب شھيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ منعقد ڪيئ ويئي ـ جتي پرچم ڪشاي بعد پوليس جي دستي پاران سلامي پيش ڪيئ وئي ـ مک تقريب ۾ ضلع مان چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ـ ايم پي اي قاسم سراج سومرو ـ وزيراعلي سنڌ جي انساني حقن بابت معاون خاص ويرجي ڪولھي ـ ضلعي ڪائونسل چئيرمين ڊاڪٽر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ـ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو ـ ايس ايس پي حسن سردار نيازي ـ ميونسپل چئيرمين مٺي ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ـ پي پي اڳواڻ ششيل ملاڻي سميت ٻين کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا ـ مک تقريب ۾ جشن آزادي متعلق مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيو ۽ آزادي لا۽ اسان جي بزرگن پاران ڏنل قربانين تي روشني وڌي ـ
ھن موقعي تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار جو ڪيو ۽ ڪشمير جي آزادي لا۽ اظھار خيال ڪيو ويو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *