پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين: سعودي عرب

70 Views

سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي  چيو آهي ته اسان پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهون ٿا ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار اد اڪندا رهنداسين ۽ پاڪستان کي نه اڳ اڪيلو ڇڏيو هو ۽ نه وري هاڻ ڇڏينداسين.

رپورٽ موجب پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي جبل کان به مضبوط قرار ڏنو.

چوڌري محمد سرور چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا مثالي لاڳاپا 22 ڪروڙ پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳا آهن. سعودي ۽ پاڪستاني عوام جي دل هميشه گڏ ڌڙڪندي آهي. ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائيچاري جو مضبوط رشتو آهي هر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاڪستان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندو آهي.

پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جو تعاون تحسين جوڳو قدم آهي.  ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي لاڳاپا ٻن ڀائرن جهڙا آهن اسان پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهندا آهيون ان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهيون. پاڪستان کي نه اڳ اڪيلو ڇڏيو هو ۽ نه ئي وري هاڻ ڇڏينداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *