حزب الله پاران بيروت ڌماڪن ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ جي صورت ۾ حملي جي ڌمڪي

63 Views

بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله، بيروت ڌماڪن ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ جي صورت ۾ ان تي حملي جي ڌمڪي ڏني آهي.

عرب خابرو اداري موجب، حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سندن تنظيم بيرو ڌماڪن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪندي، جيڪڏهن اسرائيل ملوث نڪتو ته ان جي برابر قيمت چڪائڻي پوندي.

هن چيو ته بيروت ڌماڪن بابت ٻن نظرين جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهو حادثو هو يا اميونيم نائٽريٽ کي سبب بڻائي دهشتگردي ڪئي وئي.

حسن نصر الله مطالبو ڪيو ته لبنان ۾ روايتي سياسي پارٽين ذريعي نئين حڪومت ٺاهي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *