گم ڪيلن جي ڪيس کي سنجيده وٺي آءِ جي کي ماڻهو ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: وڏو وزير

57 Views

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس کي سنجيده ورتو آهي ۽ آءِ جي پوليس کي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي، آزادي کانپوءِ ڪراچي شهر جي غلط رٿابندي سبب حالت خراب ٿي آهي، اسان ڪراچي کي سنوارڻ چاهيون ٿا، اسان لوڪل ڪائونسلز کي مضبوط ڪنداسين ته لوڪل ٽيڪس گڏ ڪن.

پيپلز اسڪوائر جو افتتاحي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز اسڪوائر جي رٿا چار سال پهرين ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي، هتي سپريم ڪورٽ جي رجسٽري جي پارڪنگ ۽ ڪي ايم سي جي آفيس هڪ نالي جي مٿان آهي، هن رٿا جو مقصد ڪراچي جي پاڙن کي بهتر ڪرڻ آهي.

هن چيو ته هن رٿا جو هي پهريون منصوبو آهي، هن رٿا سان 23 هنڌن کي ٺاهينداسين، 2009 ۾ 125  ملي ميٽر برسات پئي ته شاهراهه فيصل 4  ڏينهن بند هو، هن ڀيري 180 ملي ميٽر برسات دوران به ٽي ڪلاڪ مس پاڻي موجود هو، شاهراهه فيصل کي ايف ٽي سي کان اسٽار گيٽ تائين چار لائن ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ته پ پ جي سنڌ سرڪار ڪراچي کي بهتر شهر بڻائيندي، وفاق مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڪري اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي، پ پ 70ع کان وٺي سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيون ڪڏهن حڪومت ٺاهڻ ڏني وئي ڪڏهن نه ڏئي وئي، سال 2018ع ۾ پ پ سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان آئي، ڪجهه ماڻهو پهريون ڀيرو پوئين دروازي کان اسيمبلي ۾ آيا انهن اسيمبلي جي ڇا حالت ڪري ڇڏي آهي، انهن کي اها به خبر نه آهي ته اهي اسيمبلين ۾ ڪئين پهتا آهن.

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *