پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ وڌيڪ گهٽجي 15 هزار 932 وڃي بچيو

65 Views

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس گهٽجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 626 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 14 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. ان کان سواءِ گذريل هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيندڙ وڌيڪ 1 هزار 155 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن ۽ ائين پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ وڌيڪ گهٽجي 15 هزار 932 رهجي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 626 نون ۽ 14 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضڻ جو گڏيل انگ 2 لک 87 هزار 288 تائين پهچي ويو جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان فوتگين جو گڏيل انگ 6153 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 2 لک 65 هزار 215 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مان سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن جو انگ 125،289 ٿي چڪو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ 94 هزار 993، ڪي پي ۾ 35 هزار 21، بلوچستان ۾ 12 هزار 62، اسلام آباد ۾ 15 هزار 342، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2 هزار 167 جڏهن ته گلگت بلتستان مان ڪورونا وائرس جي رپورٽ ڪيسن جو گڏيل انگ 2 هزار 426 ٿي چڪو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 23 هزار 745 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 22 لک 29 هزار 409 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 774 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 144 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. اسپتالن ۾ ڪورونا وينٽي ليٽرز جو انگ 1859 آهي. سڄي ملڪ جي 735 اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ سهولتون آهن جڏهن ته هن وقت 1 هزار 33 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *