آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو

58 Views

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي وچ ۾  ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. 

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ بل  گيٽس جي  وچ ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي بحالي تي ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته ڪورونا جي دوران پوليو مهم بهتر  انداز ۾ هلائڻ لاءِ محفوظ شروعات ۽ ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب بل گيٽس وسيلن جي کوٽ جي باوجود ڪورونا جي پاڪستان ۾ ڪاميابي جي به تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب بل گيٽس چيو آهي ته  پاڪ فوج جي پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن پاڪ فوج هر جڳهه پوليو  واري مهم جي پهچ يقيني بنائي. پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکنداسين.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پوليو کان بچاءُ واري مهم هڪ فومي ڪاز آهي ۽ پاڪستان کي پوليو کان فري بنائڻ قومي ڪوشش جو حصو آهي. اين سي او سي جي ذريعي ملندڙ وسيلن جو صحيح استعمال ڪيو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *