نواز شريف اشتهاري قرار ڏيڻ وارو حڪم چئلينج ڪري ڇڏيو

70 Views

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف توشاخانه ريفرنس ۾ گرفتاري جي وارنٽ ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ کي چئلينج ڪيو آهي.

نون ليگ جي بانيءَ، بئريسٽر جهانگير جدون ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته احتساب عدالت جي ڪارروائي ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب مخالف ڌر کي ٽارگيٽ ڪري آواز دٻائڻ چاهي ٿي، نواز شريف فرار نه پر ضمانت تي ٻاهر ويل آهي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته پرڏيهه ۾ علاج جاري آهي، نمائندي ذريعي ٽرائل کي منهن ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي.

اڳواڻي وزير اعظم چيو ته يورپي يونين ۽ هيومن رائيٽس واچ به نيب جي ڪارروائين تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *