انگلينڊ سان سيريز جون تياريون: قومي ٽيم اڄ کان ٻن سيشنز ۾ پريڪٽس ڪندي

70 Views

انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي لاءِ قومي ٽيم اڄ کان ٻيهر ٻن سيشنز ۾ پريڪٽس ڪندي.

هوڏانهن محمد عامر جو ٻيو ڪورونا ٽيسٽ اڄ ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ هو مانچسٽر روانو ٿيندو.

ڊربي شائر ۾ رهندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ کان ٻيهر ٽريننگ شروع ڪندي. روزاني ٻن سيشنز ۾ شيڊول پريڪٽس جي دوران رانديگر بيٽنگ، بالنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل فٽنس تي ڌيان ڏيندا. مصباح الحق سميت ڪوچنگ اسٽاف جي نگراني هيٺ پريڪٽس ميچ جون خاميون هاڻ ختم ڪيون وينديون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *