ڪراچي جي سچل ڳوٺ لڳ دي ڪارنر ھوٽل تي ٿيل حملي خلاف ھوٽل مالڪن جي پريس ڪانفرنس

41 Views

ڪراچي جي سنڌي وسنڌي سچل ڳوٺ ويجهو مخدوم بلاول جي مين گيٽ ڀرسان دي ڪارنر ھوٽل تي ٿيل حملي وارو معاملو۔ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھوٽل مالڪ انجنيئر غلام اڪبر ڀٽي ۽ ارسلان شيخ چيو ته اسان جو مخدوم بلاول ھوٽل جي ٻاھران مين گيٽ تي گڏيل ڪاروبار آهي اسان کان گزريل ٽن مهينن کان ڀتو طلب ڪيو پيو وڃي ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ يونين جي ماڻهن پاران هوٽل تي ڪاھ ڪري حملو ڪيو ويو جڏهن ته حملو ڪندڙ ايترا ته بااثر آهن جو اسان کي ايف آء آر لاء به رلايو ويو۔ ھنن چيو ته اسان جي مخالفن پاران اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيڻ لاء درخواستون پڻ داخل ڪرايو ويون آھن۔ اسان مٿان پستول رکيا ويا جيڪڏهن ايئن ٿيندو ته سنڌي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪيئن ڪندا۔ محبوب عباسي جو ڊرائيور وسيم ٽن مهينن کان بدتميزي ڪري پيو ۽ ڌمڪيون ڏيندي محبوب عباسي جي نالي تي پيسا پڻ طلب ڪيا۔ ھن سڄي معاملي جو اصل ڪارڻ به محبوب عباسي جي ڀائرن کي دڪان اڳيان ريڙها نه لڳائڻ تان ٿيو آهي ۽ مسًلا شروع ڪيا وياان معاملي تي جي آء ٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ ايس پي رينڪ جا آفيسر جج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا شامل ڪيا وڃن عباسي ڀائرن جو سياست، بلڊرز، صحافت ۽ لينڊگريبنگ ۾ اثر رسوخ آهن ھوٽل ۾ڪرسين تي جهيڙو ناهي ٿيو، جنهن جي مدعيت ۾ اسان تي ڪيس داخل ڪيو ويو اهي ماڻهو اسان تي حملي ۾ ملوث آهن۔ اسان ٿيل ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *