ڳڙھي چاڪر ۾ ايس ٽي پي پاران يوسي صاحب خان لنڊ جي يوسي سيڪريٽري ڪاليداس خلاف احتجاج

175 Views

ڳڙھي چاڪر رپورٽ ڪامران بوزدار،،، ڳڙھي چاڪر ۾ ايس ٽي پي تعلقه ميرپور ماٿيلو صدر قبول گبول جي اڳواڻي ۾ يوسي صاحب خان لنڊ جي يوسي سيڪريٽري ڪاليداس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندي ايس ٽي پي تعلقه صدر قبول گبول ۽ ٻين پاران ميڊيا سان ڳالھائيندي چوڻ ھو ته ڳوٺ حبيب الله گبول ڳوٺ قظال گبول ڳوٺ غلام حيدر گبول ۽ ڳوٺ سھراب گبول جي مسجد جي لاء سولرلا ئيٽون نه مليون آھن ،سيڪريٽري ھڪ ڪرپٽ ۽ راشي آھي مھانا ايندڙ 5 لک روپيه بچيٽ مان پنج روپيه به عوام يا ترقياتي ڪمن ۾ خرچ نه ٿو ڪري سيڪريٽري سڀ پئسا ھڙپ ڪري ٿو گذريل پنج سالن کان وٺي ھن وقت تائين ڳوٺ حبيب الله گبول ڳوٺ قتال گبول ڳوٺ سھراب گبول سميت ڪنھن به پپنج روپيه خرچ نه ٿيو اسين ،ڊي سي گھوٽڪي سميت تمام وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته سيڪريٽري خلاف جلد کان جلد ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *