بڊاڻي واسي 25 سالا نوجوان صادق آباد ۾ گهرو اڻڀڻت سبب زهريلي دوا پي خدڪشي ڪري ڇڏي

211 Views

بڊاڻي واسي 25 سالا نوجوان پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ گهرو اڻڀڻت سبب زهريلي دوا پي زندگي جو ڏيئو اجائي ڇڏيو
بڊاڻي ويجهو کاهي شهر جي ڳوٺ علي نواز سهندڙو جو رهواسي 25 سالا نوجوان سعيد احمد ولد مشتاق احمد سهندڙو پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ پنهنجي سهري جي گهر اندر گهرو اڻڀڻت سبب زهلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي جڏهن ته نوجوان جو لاش ايمبولنس زريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نواز علي سهندڙو ۾ آندو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ماءُ جيجل کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي جڏهن ته جنازه نماز بعد سوين آلي اکين سان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو
واضعي رهي ته ڪجه وقت کان نوجوان گرمي سبب فيملي سميت پنهنجي سهري علي نواز سهندڙو جي گهر صادق آباد ۾ رهائشي هو جتي هن خودڪشي ڪئي آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *