اجگردل وارو شاعر۔۔غلام محمد جنجهي

195 Views

اجگردل وارو شاعر۔۔غلام محمد جنجهي

مير منصور مڱريو

ٿر هونئن ئي قدرتي مظهرن جو وڏو لقاءُ رهيو آهي . ان سان گڏ ٿر جي امرت مٽيءَ اهڙن جوڌن کي جنم ڏنو جو انهن ان امرت مان اهڙا ڍُڪ ڀريا جو تاريخ به سندن شاهد بڻجي وئي. اسان کي ڪيترائي نامور نالا ۽ مثال ملن ٿا جيڪي اجگر دل رکندڙ سٻاجهڙا ۽ وطن دوستي جي پرچار ڪندڙ رهيا آهن. انهن اهم شخصتين ۾ ٿرپارڪر جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيئي ۾ 1921 ڌاري محمد عثمان برهاناڻي جي گهر ۾ هڪ ٻالڪ اک کولي ٿو جنهن کي غلام محمد جنهنجي جي نام سان نوازيو وڃي ٿو، کيس ڄم سان ئي اهڙي شناخت ملي جو ان جوهرجي جوت جڳ جرڪائي ٿي. انتهائي لاڏ ڪوڏ سان پلڻ ڪري سندن مزاج ۾ خودداري ۽ خود ياوري جا عنصر شامل ٿيندا رهيا. اهي عنصر اهڙا هئا جن کيس محمد (صلي الله عليه وسلم ) جن جو غلام ته بڻائي رکيو پر سماج جي جابر قوتن سامهون به هو جبل جيان بيٺو رهيو . وڏيون طاقتون به کيس جهڪائي نه سگهيون. هو اٽل آدمي هئڻ سان گڏوگڏ انتهائي پيار ڪندڙ هو ۽ ويساهه جو ايڏو وڏو مثال هو جو اوسي پاسي جا سڀئي هيڻا ماڻهو کيس پنهنجو حامي سمجهندا هئا . سندن چوڻي هوندي هئي ته ”زندگي اهڙي نموني گذاريو جو دشمن به توهان کي دعائون ڏي“ . . اهڙي اثر رسوخ واري ماڻهون جا سڄڻ به گهڻا ته دشمن به گهڻا. ايئن ئي هڪ مثال سندن زندگي مان ملي ٿو ته ڪنهن دشمن سندس مان ۾ دعوت رکي جيڪا دعوت (هيم لاڪ) سقراط کي به قبولڻي پئي هئي .ساڳئي حالت هن اجگر دل جي مالڪ سان به ٿي. ماني کائي جڏهن گهوڙي تي روانا ٿيا ته ان وقت ئي کين محسوس ٿيو ته کاڌي ۾ زهر هو. هو ٿر جو مڃيل ڏاهو حڪيم هو ۽ گهر ۾ پهچڻ سان ئي پنهنجو علاج شروع ڪري ڏنائون. ان زهر جو اثر سندس آنڊن ۽ پيٽ تي سڄي حياتي رهيو. سندس دشمن وڏي ڪرب مان گذريو ۽ معافين جا انبار کڻي جڏهن وٽس آيو ته پاڻ کين جواب ڏنائون ”مون توکي ان وقت ئي معاف ڪري ڇڏيو هو“. . اهڙي فراخي دلي فقط وڏن خوابن جي تعبير ڪرڻ وارن جي ئي حصي ۾ ايندي آهي. سندس هيءُ شعر انهي پسمنظر جي ڀرپور نشاندهي ڪرائي ٿو
جھڪي ڪريين جھان ۾، دشمن جي ديري ،
ٿين خاڪه خبيث سي، ويجھا مون ويري،
تن گھڻي غلام محمد چئي بڇئين ڦڦڙن ۾ ڦيري،
واحد مون ويري، ڪِرن اونھي ڪُن ۾
پاڻ ڪافي علمن جا ڄاڻو هئا هندوستان جي عثمانيه يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ وڃي ليڪچر ٻُڌندا هئا . انهي اڀياسي اوک ڊوک دوران هن جن علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي تن ۾ تاريخ، جاگرافي، نجوم، هٿ ريکائن جو علم ۽ علم الاعداد سرفهرست آهن. علم جي انهي جستجو ۽ حساس طبيعت منجهس شاعري جو شوق پيدا ڪيو ۽ هو سنڌي ، هندي ۽ اردو زبانن ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس شاعري ۾ جيڪا پختگي آهي تنهن مان شيشي جيئان لطيف جا جلوا پسجي سگهجن ٿا. پاڻ لطيف جي پنڌ جا پانڌيئڙا هئڻ ڪري سموري ڪلام ۾ لطيف واري روحاني رمزن کي حاصل ڪندي جيڪا بيت جي جوڙجڪ ڪئي اٿن ، تنهن کي ڏسي ايئن لڳي ٿو ته روحاني تسڪين واري ڪلام جي روايت وڌيڪ روشن ٿيندي.
مونکي هڪ واقعو ياد ٿو اچي جڏهن آئون هڪ دفعي ڄام ساقي جي عيادت لاءِ پنهنجي همروح سائين نور احمد سان گڏ ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ويوهئس ته ڄام ساقي صاحب هن ٿرڄائي ، نامور شاعر جي شاعريءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو.هن سائين غلام محمد جنجهيءَ جي ڇپيل ڪتاب ”ويجها ٿيا وصال کي“ جي ٽائيٽل بابت ڳالهائيندي چيو ته ”صوفين لاءِ موت ملڻ آهي حقيقي مالڪ سان ، هي ويجها ٿيا وصال کي ان جو مطلب به اهيو ئي آهي ته مالڪ سان ملڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ سرهائي جهڙي ڳالهه آهي“. ڄام کي پنهنجي لفظن پاڻ دُکي ڪري وڌو. هن جي ڳوڙهن هاڻين اکين ۾ هڪ نرالي چمڪ اچي وئي تنهن مان مونکي سُڌ پئي ته اهي ڳوڙها هن بهادر جي معمار جي اکين ۾ وصال کي ويجهي ٿيڻ جي خوشي جا آهن ۽ پوءِ ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ سڀن کي جامِ انقلاب پيئاريندڙ ڄام وصال کي ويجهو ٿيو. بابا غلام محمد جي شاعري ۾ تصوف جي جهلڪ تمام گهري آهي ۽ جيڪا ٻولي جي پختگي آهي ان مان خبر پئي ٿي ته ڪيڏي طويل سفر مان پاڻ لنگهيا آهن. اهڙي پنڌ کين جيڪي ڪجهه عطا ڪيو سندن شعر مان جهلڪي ٿو ؛
جي ويجھا نه وڃن وهه کي، جو عشق ڀڃي اُڃ
ماڻن سي نه مشا ھدو، رُلن ڀڻا رُڃ،
گھلا غلام محمد چئي، سولي ڀانئن سُڃ،
پَٽن کائيو پڃ، ڏورين ڏيھه ڏاتار جو
اهڙي وِهه جو تذڪرو هن وقت جي داناءُ به ڪيو جو کيس صوفي محمد صديق صادق فقيرجا لفظ چوڻا پيا ته ”آئون اهو ئي آهيان جو ڪُٺو تو ڪلهه“ سندن شاعري ۾ اهڙو ئي تصور ملي ٿو ؛
ڪَٽي ڪَٽي ڪاتُ، وڍيئي ماهه منهنجو
نه ٿيس آءُ مات، سُپريان جي سِڪَ ۾
ايڏي ڪمال جي تخليقڪار ۽ وڏ وڙائتي ماڻهو کي ويٺو دل جي حضور سان پڙهجي پنا کٽي ويندا پر دل جي درپن جي روشني نه گهٽجندي. بدقسمتيءَ سان هن سماج ماڻهن جي وئي کان پوءِ ئي کين مڃتا ڏني آهي پرکين سندن حياتيءَ ۾ نه سمجيو ويو. ڪٿي ڪٿي ته ايئن ٿيو آهي جو صرف ذاتي ڪدورتن جي ڪري ڪيترائي وڏا ماڻهو وئي کان پو به تاريخ جي پنن جي زينت به بنجي نه سگهيا آهن . انگريزي جو مشهور شاعر Dylan Thomas شايد اهڙن عقلمندن لاءِ ئي چئي ويو ته:
Wise men, at their end, know dark is right.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *