ٿرجو بدلجندڙ منظرنامو – ڪالم نگار- نوراحمد جنجهي

291 Views

ٿرجو بدلجندڙ منظرنامو

نوراحمد جنجهي

ٿرجي رنگن روپن کي ڏسجي ٿو ته نظر اچي ٿو ته اهي رنگ روپ مختلف دورن ۾ بدلجندا رهيا آهن.بدلجندڙ ٿر جي ڪهاڻي بابت گهڻو ڪجهه بيان ڪري ۽ لکي سگهجي ٿو ته جيئن اهو سمجهي سگهجي ته ته ٿر ڪهڙين تبديلين مان گذريو آهي.ڪنهن دور ۾ ٿروسندڙ ڪاروباري مرڪز هو جنهن جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ سامونڊي ڪناري واراشهرهوندا هئا جتي ٻيڙا به ايندا هئا ته وڻج واپاربه امٽ ۽ امونگرو ٿيندو هو. ”رحمڪي بازار“ کان وٺي ”پاري ننگر“ تائين اهڙن شهرن جو هڪڙو سلسلو هوندو هو، جنهن جا آثارن جي صورت ۾ به نشان ملن ٿا ته الک ثقافتي ورثي جي صورت ۾ به انهن جا اهڃاڻ موجود آهن. لوڪ گيت ”وڻجارو“ ان جو وڏو مثال آهي. اها شهري تهذيب ايترو ته اڳڀري هئي جو انهي پٽيءَ ۾ وهنجڻ جا وسيع تلاءَ به هوندا هئا ۽ ان دور ۾ يورپ ۾ سُئمنگ پول جو تصور به نه هو. ان کانپوءِ جين مت جو امن ڀريو دور اچي ٿو جنهن ۾ به وڻج واپار ٿيندو هو ۽ انتهائي گهڻو امن امان هوندو هو. ماڻهن جي خوشحالي سندن اڏايل ”جين ڏهرن “ مان جهلڪندي نظراچي ٿي، جيتوڻيڪ انهن تان زمانا گذريا آهن، موسمي اثرن هيٺ رهيا آهن پرجيڪي اڏاوتون بچيون آهن انهن جي ڪاريگري خوشحاليءَ جي ساک ڀريندي نظراچي ٿي. پارڪر کان هٽي ڪري باقي ٿر ۾ مالوندي وڌيڪ هوندي هئي. وڻج واپارڪو منظم نموني نه هو تان جو انگريز اچن ٿا ته انهن مان هڪڙو انگريز ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر پالن مختلف شهرن ۾ بازارون قائم ڪرائي ٿو، جن کي تاريخدانن ”پالن جون بازارون“ سڏيو آهي. راجپوت پرمارن جي بادشاهي ۾ ٿرهڪڙي ”ڌڻوادي “ خطي طور وڏي قدرتي چراگاهه هوندو هو، جنهن جي حفاظت مقامي راجپوت سموري سماج جي مدد سان ڪندا هئا. اهڙي ريت ٿر ۾ پهرين جيڪي ڳوٺ آباد ٿيا، سي پاڻيءَ جي سَٺي يعني سهاري تي آباد ٿيا، جيئن مالوند ماڻهو۽ سندن مال سکيو رهي. هونئن به آباديءَ لاءِ پاڻي جو هجڻ اشد ضروري آهي. اهڙين آبادين کي ”سر“ جي پڇاڙي ڳنڍي سڏيو ويو جيئن؛ ڀوڏيسر، نبيسر، راڻاسر، ڪڙڪاسر، وغيره. ان کانپوءِ ماڻهن کوه کوٽايا ۽ ڳوٺ آباد ڪيا ته اهي ڳوٺ ”تڙ“ يعني کوه جي پڇاڙيءَ سان سڏجڻ ۾ آيا جيئن؛ وليءَ جو تڙ، ابن تڙ، صالح تڙ وغيره. ان سان گڏوگڏ نج جاگرافيائي نالن سان به ڳوٺ آباد ٿيا يا اهڙن قديم نالن پويان اهي ڳوٺ سڏجڻ ۾ آيا جن جي پس منظرجو هاڻي پيرو کڻي ڪونه ٿو سگهجي. جيئن تارياڻو، وڪڙيو، موکئي، وغيره.
ٿر ۾ سڀ کان گهڻو وقت وس ۽ اختيارٺڪرراجپوتن جو رهيو آهي، جيڪو 1971ع جي جنگ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هو. ڳوٺ جو پٽيل وس وارو هوندو هو باقي سڀئي ان جي هدايت جي تابع هونداهئا. انگريزن حڪومت ڪئي پرانهن به مقامي طور تي مقامي پٽيلن ۽ ٺڪرن کي استعمال ڪيو. اهڙي طرح هڪڙو سادو ڳوٺاڻو سماج هو، جنهن ۾ مالوند هجڻ ئي وڏو ذريعه معاش هو، پران مال لاءِ سيمن جو هجڻ ان کان به وڌيڪ اهميت وارو هو ۽ ٿرجي زمين جي کڻت وري پنهنجي نموني جي ۽ نياري آهي. اها زرعي زمين توڙي سيمون به انهن پٽيلن جون ئي هونديون هيون. انگريز دور ۾ وري سروي ٿي ۽ تلين جي داخلا ٿي جنهن وٽ جيڪا زمين قبضي ۾ هئي يا وري جنهن جي سرڪار جي وس وارن تائين پهچ هئي انهن جي نالي زمين جي داخلا ٿي. برسات وغيره گهٽ پوڻ جي ڪري پوک تي گهٽ ڌيان هوندو هو، پرمال ڌارڻ مکيه معاشي سرگرمي هئي. مال مان کير، مکڻ، گيهه، کلون، گوشت وغيره اپجندا هئا ۽ انهن مان ڪجهه شيون پري پري جي شهرن موڪليون وينديون هيون نه ماڻهو انهن شين جي پاڻ ۾ مٽاسٽا ڪندا هئا. اهو دور آهت جو دور هو، جنهن ۾ جيڪي پروفيشنل ماڻهو هوندا هئا، يعني ماڻهن لاءِ شيون ٺاهيندا هئا، تن کي سال جي آخر۾ فصل لهڻ وقت يا مال مان ”ورسوند“ ڏني ويندي هئي. اهو ڪم ڪار چڱي موچاري شڪل ۾ 1965ع تائين هلندو رهيو. اتان کانپوءِ تبديليون اچڻ شروع ٿيون ۽ ڪجهه آباديءَ جي لڏپلاڻ پڻ ٿي. نامياري آرڪيٽيڪٽ محترم عارف حسن پنهنجي ڪتاب ”اڻ رٿيل انقلاب“ ۾ اهڙين تبديلين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. عارف حسن مطابق ٿر جي آبادي 1961ع ۾ 3 لک 96 هزار 9 سئو 93 هئي ۽ 1981ع ۾ اها وڌي وڃي 7 لک 74 هزار 6 سئو 17 تائين پهتي. اهڙي طرح 20 سالن ۾ 95 سيڪڙو آبادي وڌي يا ان جي سالياني واڌ 4.75 سيڪڙو هئي جيڪا ملڪي سطح تي ٿيندڙ واڌ کان گهڻي هئي. وري 1971ع جي جنگ دوران جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان ۾ به ڪافي آبادي هتان لڏي هندستان ويئي ۽ اتان کان ماڻهو هن طرف آيا. ان سان جيڪو روايتي راڄداري سرشتو هو، ان تي ٺڪرن جي گرفت ڪمزور ٿي ۽ ٻيون برادريون به اڳتي وڌڻ لڳيون. تبديلي پنهنجي پر ۾ پر ساهڻ لڳي پر اها نظراچڻ جوڳي صورت ۾ نه هئي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي جمهوريت به عام ماڻهوءَ کي زبان ڏني ۽ هو پنهنجي مستقل ڏانهن وڌڻ لڳوپرپوءِ به تبديلي نظرنٿي آئي ڇاڪاڻ ته ٿر۾ مواصلات جا وسيلا تيز نه هئا ۽ پيداوارجا ذريعا به اهي ئي روايتي هئا . ٿر صفا هڪڙو ڪٽيل علائقو هوندو هو جنهن ڏانهن بئراج ماڻهن کي ايندي ڀئو ٿيندو هو ڇو ته پاڻي کارو هوندو هو فاصلا ڊگها هوندا هئا ۽ ٽرانسپورٽ جا وسيلا روايتي هوندا هئا ۽ ڏڪارسالي هڪ نه ٻئي سال ٿرين جي مهمان هوندي هئي. اچ وڃ جي وسيلن ۾ اٺ، ۽ گهوڙو استعمال ٿيندا هئا .اڪثرماڻهو پياداهلندا هئا ۽ ٿرکان بئراج تائين جتي ريلوي وغيره هوندي هئي ان تائين ماڻهن کي پنڌ ڪرڻو پوندو هو.پاڻي جي اڻاٺ هوندي هئي يا کارو پاڻي هوندو هو ڳوٺن ۾. صحت جون سهوليتون تمام گهٽ هيون يعني رڳوشهرن ۾ اسپتالون هونديون هيون جن ۾ ابتدائي قسم جي علاج جي سهوليت دستياب هوندي هئي. تبديلي جي ڪهاڻي 1956ع ۾ پهرئين ڇڪڙي هلڻ سان ٿئي ٿي جنهن جي ڊرائيورجو نالو مقامي ماڻهو حضرت گل پٺاڻ ٻُڌائين ٿا. آهستي آهستي اهي ڇڪڙا وڌيا. اهي ڇڪڙا ٻي مهاڀاري لڙائي جون ڇڏيل جي ايم سي ٽرڪون هيون جن کي ٿر۾ تجربي طور لاٿو ويو هو. انهن ڇڪڙن جو سفر به ڏکيو هوندو هو. نئون ڪوٽ کان ننگرپارڪرپهچندي سڄو ڏينهن لڳي ويندو هو.رستا ڪچا هوندا هئا يا لڪ ڏکيا هوندا هئا. مثال طور ڪانٽئي ۽ عمرڪوٽ جي وچ ۾ اٽڪل 120 ننڍاوڏالڪ هوندا هئا جن مان گاڏي کي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ ڦيٿن مان هواڪڍڻي ۽ ڀرڻي پوندي هئي.ڇڪڙي ۾ وري جيڪي سيٽون هونديون هيون تن ۾ غريب ماڻهو جو چڙهڻ ناممڪن هو. غريب ماڻهو ڇڪڙي جي ڊالي ۾ مال سان گڏ سوارٿيل نظرايندا هئا. آهستي آهستي ڪجهه جيپون به آيون ۽ انهن ڇڪڙن ۾ هڪڙي الٽريشن ڪري مٿي بس جي باڊي رکي سيٽون ٺاهيون ويون جنهن جي ڪري سفر ڪجهه سولو ٿيو ۽ ڪجهه طبقاتي وڇوٽي به گهٽي. بس جي سيٽ تي سڀئي گڏجي ويٺا ٿي. ڇڪڙي وانگران ۾ ڪي مراعاتي ڪئبينون نه هيون. ان کانپوءِ وڏي اُٿل محمدخان جوڻيجي جي دور ۾ آئي جڏهن نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين ڏامروارو تجرباتي روڊ ٺاهيو ويو ۽ ان تي سنڌروڊ ٽرانسپورٽ جون بسون هلايون ويون. اهي بسون ٿرجي روڊ مواصلات ۾ اهم ڪارنامو هيون جنن فاصلي کي گهٽايو ۽ سهوليت به ڪئي. آهستي آهستي جيپن جو تعداد به وڌيو ته ڇڪڙن به ترقي ڪئي ۽ فورڊ ڇڪڙن جي جاءِ تي ريو گاڏيون متعارف ٿيون جيڪي وڌيڪ بهتر ۽ سگهاريون هيون. اڳتي هلي ٿر۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي نشاندهي ٿي ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ ٿرپئڪيج منظور ٿيو ۽ پرويز مشرف پاڻ اوڏاڻي اچي ان ترقياتي عمل جو اعلان ڪيو. انهي سياسي عمل جي تسلسل ۾ ڊاڪٽرارباب غلام رحيم وزيراعلى ٿيو جنهن جي دور ۾ روڊن جو نيٽ ورڪ ڳچ حصي تائين پهتو.
90 جي ڏهاڪي دوران فون جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي، جيڪا اڳتي هلي سيليولر فون تائين پهتي ۽ هن وقت ٿر ۾ يوفون، موبيلنڪ، ٽيلينور، زونگ ۽ وارد جا لکين ڪنيڪشن آهن. روڊن جي سهوليت سان ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچون به هليون ته ڪارن جو تعداد وڌڻ لڳو. جيپون اڳتي ڳوٺن تائين پهتيون. ٽرڪون ۽ ٽرالرٿر۾ اچڻ لڳا جن سان سامان جو اچڻ سولو ۽ عام ٿي پيو. سامان جي مقامي مارڪيٽ ۾ دستيابي ڏڪار جي اثرن کي به گهٽايو ته سامان ٻاهرين مارڪيٽن تائن وڃڻ لڳو. انهي سان اهو ٿيو ته جيڪو ٿري معاشرو ”آهت“ وري سرشتي تائين هو سو اڳتي وڌي ”روڪڙ“ تائين پهتو. اڳي ڪافي شيون هٿراڌوٺاهيل ئي استعمال ٿينديون هيون پرمارڪيٽ جي موجودگيءَ واپارکي واڌ ڏني ۽ ڪارخانن جو ٺهيل سامان دڪانن تي اچڻ لڳو ۽ ماڻهو ان کي وٺڻ لڳا.
هن وقت صورتحال اها آهي ته ٿر جي ڳوٺن ۾ دڪانن تي منرل واٽر کان وٺي پڙن ۾ بند ٿيل کير تائين انيڪ شيون وڪري لاءِ موجود ملن ٿيون نه ته اهو زمانو هو جو ماڻهو کير ۽ پاڻيءَ جي وڪري کي عيب سمجهنداهئا. ٿر جيئن انهي اقتصادي تبديليءَ مان گذريو ته ان جي سماج ۾ به تبديليون آيون جن ۾ اهم تبديلي ڳوٺاڻي جوڙجڪ جي هئي. اڳ ڳوٺ ۾ هڪ مکيه ذات هوندي هئي ته هڪ هڪ گهرهنر مند ذات وارن جو هوندو هو. ان جي جاءِ تي هاڻي سڀني پنهنجا پنهنجا ڳوٺ ٻڌڻ به شروع ڪيا آهن. زمين تي ڪنهن هڪڙي ذات وارن جو اختيارنه رهيو آهي. اڳي ڳوٺ ۾ هڪڙو پٽيل هوندو هو هاڻي پٽيلن جو تعدادوڌيل آهي ۽ روايتي پٽيل جي جاءِ نوڪري ڪندڙ ماڻهن والاري آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي پهچ شهرن تائين به آهي ته سياسي ڌرين تائين به آهي. سماجي گهڻاگهڻي نئين سياسي قيادت کي به جنم ڏنو آهي . سياست رڳو روايتي خاندانن تائين محدود نه رهي آهي. مالوند هجڻ سان گڏوگڏ ماڻهو ڪاروبار ڏانهن به وڌيا آهن ته نوڪريون به ڪن ٿا جن ۾ سرڪاري نوڪرين کانسواءِ ٻاهروڃي ڪم ڪارڪري روزگارڪمائڻ به شامل آهي. تبديلين جي انهي سلسلي جي ڪهاڻي جو هي هڪڙو روپ هو اڃا کوڙ سارا پاسا آهن جن بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
ٿر جو منظرنامو مختلف تبديلين جي تارازيءَ مان تُري نڪتل اهڙو ڏيک آهي جنهن جا ڪيئي پاسا آهن. هرهڪ پاسو پنهنجي پر۾ هڪ الڳ موضوع آهي جنهن جي مختلف رُخن بابت اڀياس ڪري سگهجي ٿو.
(ڪتاب : ڀنيءَ منجهه ڀٽون (2017) ليکڪ : نوراحمد جنجهي )

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *