ڪهاڻي – سنڌ جو ڊوميسائل – ڪالم ناشاد رحم علي

546 Views

ڪهاڻي
سنڌ جو ڊوميسائل
ٿڪل ٿڪل وکن سان چوڌريءَ جي بنگلي ڏانهن ويندي سوچيو هئم:
”چوڌريءَ کي اڄ سِڌي ڳالهه سُڻائيندس.نوڪريءَ جو آرڊر وٺي ڏي يا روڪڙو جواب ڏي ته ماڳهين آسرو ته پلجي“.
پر وري خيال آيو ته ”اگر چوڌريءَ جي جواب سان اهو ڦٽو سِٽو آسرو به پلجي ويو ته زندگيءَ ۾ باقي ڇا بچندو؟! جنهن اڀري سڀري آسري بيرنگ زندگيءَ ۾ ڪي رنگ ڀري رکيا آھن ۽ جنهن آسري هيستائين خودڪشيءَ کان بچائي رکيو آھي، ان کي جيترو ٿي سگهي رهڻ ڏجي.“
چوڌري اسانجو مائٽاڻو واسطيدار آھي.ايوب خان جي دؤر ۾ جڏھن فوجين کي سنڌ ۾ زمينون ڏنيون پئي ويون. تڏھن چوڌريءَ جي والد کي به اسانجي ڳوٺ جي ڀرسان زمين ملي هئي.تڏھن کان اسانجا ساڻس خانداني تعلقات آھن.ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جا اڪثر رهواسي پنهنجي زمينن وارا ۽ خوشحال هئا پر وقت وقت جي ڳالهه آھي، اڄ گهڻا تڻا چوڌريءَ جا هاري آھن. چوڌري محنتي ۽ فضول خرچيءَ کان نفرت ڪندڙ سادو سُودو انسان آھي ۽ ڏينهُون ڏينهن پنهنجي زمين ۽ ٻي دولت ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو.نه رڳو اسانجي ڳوٺ پر آسپاس جا ماڻھو به پنهنجي مسئلن جي حل لئه وٽس ايندا آھن.ڪامورن کان سياستدانن تائين هرڪو سندس ڳالهه مڃيندو آھي.ڇوته چوڌري اليڪشن ۾ امڪاني طور کٽندڙ سياستدانن جي هر قسم جي مدد ڪندو آھي.ڪامورن کي به گهڻو کارائيندو پياريندو آھي.بس هن جا ڪم غيبي اشارن سان ٿيندا آھن.
خبر ناهي ڇو؟! هن مونکي نوڪري وٺي ڏيڻ جي واعدي پارڻ ۾ ايتري دير ڪئي آھي.
ٻه سال اڳ هن مون کان ڪاغذ ورتا هئا. مون وٽ ماسٽر ڊگري هئي،ان ڪري سڻڀي نوڪريءَ جي گُهر ڪندو رهيس پر پنج مهينا اڳ وڏا آسرا پلي نيٺ هڪ ڏينهن چوڌريءَ کي چيم:
”چوڌري صاحب! پنهنجي اسڪول ۾ پٽيوالي جي جاءِ هوندي.ڀلا پٽيوالي ئي وٺرائي ڏي.“
سوچ ويچار بعد چوڌريءَ وراڻيو:
”ٿورو صبر ڪر ته اسڪول جي ايس اين اي ٺھرائي وٺان پوءِ تنهنجي پٽيوالي پڪي سمجھ.“
ٻن مهينن بعد ٻڌم ته اسڪول جي ايس اين اي به ٺهي ويئي.تڏھن چوڌريءَ جي مهربانيءَ جو دل ئي دل ۾ قدر ڪندي سوچيم:
”چوڌري مائٽاڻن واسطن جو خيال رکي منهنجي نوڪريءَ لئه پنهنجي پر ۾ ڪوششون ڪري پيو.جزاڪ الله“.
ٻه هفتا اڳ وري ياد ڏيارڻ وٽس ويو هئس.بنگلي تي پنجاب کان آيل سندس برادريءَ جا ڪي نوجوان ڏٺم، جن جي هٿن ۾ فائل هئا.دل ئي دل ۾ چوڌريءَ جي هلندي پُڄنديءَ جو قائل ٿيڻو پيو.سوچيم:
” قدرت برابر چوڌريءَ کي اثر و رسوخ ڏنو آھي.پنجاب جا ماڻھو به ڪم لئه سندس حاضري ڀري رهيا آھن. پنجاب تائين به چوڌريءَ جا ڪم ٿيندا آھن. ڳوٺ جي اسڪول ۾ مونکي پٽيوالو مقرر ڪرائڻ ته چوڌريءَ جي ڏائي هٿ جو کيل آهي“.
اهو سوچي دل باغ بهار ٿي پيئي هئي.ويتر چوڌريءَ مونکي چيو:
”تنهنجو ڪم جلد ٿيندو شمن.وڃ وڃي ٻني ٻاري جو ڪم ڪر.“
گدگد ٿيندو ٻنيءَ تي هليو ويو هئس.بابا وونئن مان گُڏ ڪڍندي ٻُڌايو هئم:
” چوڌري گهڻن ڏينهن کان چوي پيو ته يا قرض ڀر يا ٻني وڪڻي ڏي. پر کيس چيو اٿم ته ٿورو صبر ڪر.بس توکي نوڪري ملي پوي ته ٻني وڪجڻ کان بچي ويندي.“
چيم:
”اها ته چوڌريءَ جي مهرباني آھي جو قرض وصوليءَ لئه گهڻو زور نٿو ڀري.ويتر کوٽ-ٽوٽ ۾ اڌار-سُڌار ڪندو آھي.“
بابا خاموش رهيو.پگهر ۾ شم پنهنجو ڪم ڪندو رهيو.
ٻن هفتن بعد وري اسڪول جو پٽيوالو ٿيڻ جا خواب ڏسندو، چوڌريءَ جي بنگلي تي پهتو هئس.بنگلي ٻاهران ويگو گاڏي ڏسي اندازو لڳايو هئم ته وٽس ڪو اهم مهمان آيل هو. بنگلي تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو موجود هئا.مهمانن واري ڪمري جو دروازو بند هو.ورانڊي ۾ به ڪرسين تي ڪي ماڻھو ويٺل هئا.ڪا ڪرسي خالي نظر ڪون آئي، سو ڪمري جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس.دري اندريان کليل هئي ۽ اندرئين پردي مان ٿوري وٿي ٿيل هئي. جنهن ڪري ڪمري جو اندريون ڏيک صاف نظر اچي رهيو هو.
چوڌري پُٺيرو ويٺو هو.سندس اڳيان ٽيبل تي خالي حُقو رکيل هو. هن جي سامهون هڪ سُوٽيڊ بُوٽيڊ شخص ڪامورڪي انداز ۾ چئي رهيو هو.:
”اسان اڳ به ڊوميسائيل کان ويندي رهائشي سرٽيفڪيٽ تائين توهانجو هر جائز ناجائز ڪم ڪرايو آھي.پر توهان طرفان ملندڙ مٺائي اهڙن ڪمن ۾ موجود رسڪ کان گهڻي گهٽ آھي.“
چوڌريءَ وراڻيو:
”يار تازو ميڊم جو حڪم مليو ته هڪ ڪروڙ رپيه اومني گروپ جي اڪائونٽ ۾ پياريو.بس ان ڪري ٿورڙي تنگي ٿي پيئي ورنه اڳ ڪڏھن اوهانجي شڪايت آئي؟!“
سُوٽيڊ بُوٽيڊ شخص وراڻيو:
”اهي مٿيان ميڊم ۽ رئيس وارا اسان کان ڌار حصو پتي وٺن ۽ اوهان کان ڌار….“.
چوڌريءَ وراڻيو:
”بس يار ڇا ڪجي! پر توهان دلجاءِ ڪريو.سيالڪوٽ ۽ ساهيوال جا ڪي نوجوان آھن، جن کي وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جو ڊوميسائل کپي ٿو. ٻاويهه ڄڻا آھن هرهڪ کان جيترا چوين اوترا وٺي ڏيان؟“.
سوٽيڊ بوٽيڊ شخص ڪجهه سوچيندي چيو:
”بس اڳئين ريٽ کان ڊبل.“
ان ئي لمحي وسيم کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم.ساهيوال جو رهندڙ غريب نوجوان آھي.گذريل انبن جي سيزن دوران چوڌري جي باغ ۾ انبن جي پَٽائي ڪندو هو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اسان سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندو هو.
ڀاڪر پائي ملڻ ۽ خوش خير عافيت پُڇڻ بعد پڇيم:
”پنجاب کان ڪڏھن آيو آھين؟!“.
مرڪي وراڻيائين:
”جڏھن کان نوڪري ملي اٿم“.
بي اعتباريءَ مان پڇيم:
” ڪهڙي نوڪري ۽ ڪڏھن ملي؟!“.
وراڻيائين:
”هفتو کن ٿيو آھي چوڌريءَ هن ڳوٺ جي اسڪول ۾ پٽيوالي جو آرڊر وٺي ڏنو آھي.“
منهنجي اکين اڳيان جهرڪيون اڏرڻ لڳيون.پير ٿڙڻ لڳا.بيهوش ٿيڻ کان اڳ مونکي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ مان ذبح ٿي رهيو ھُئس.شيطان جي آنڊي جيڏي اومني گروپ جو پيٽ ڀرڻ لئه مون سميت ڪيترن ئي نوجوانن جو گوشت ڳترا ڳترا ڪري وڪرو ڪيو پئي ويو.
……ناشاد رحم علي

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *