هاڻي مينهن وسي پيا موٽي اچ تون! ڪالم – وفا جاني موسيپوٽو

450 Views

هاڻي مينهن وسي پيا موٽي اچ تون!
وفا جاني موسيپوٽو.
ها پرين وري ٿر جي ڀورين ڀٽن تي ڪڪر وسڻ جا ويس ڪن پيا وري بارشون وٺيون آهن، وري پنهنجي ملڪ تي تاڙي تنوارون لاٿيون آهن، وري کنوڻن کيل ڪيا آهن، پپون ڪونڍير بہ هاڻي ٿي ويندا گولاڙو وڻن کي جڏهن ڀاڪرن ۾ ڀريندو تڏهن تون اسانکي اوچتو ياد اچي ويندين! ها پرين هاڻي ٿر جون ترايون برسات جي پاڻي سان تار ٿيڻ واريون آهن، ڀٽن تي بيٺل محبوبن جي مٿي تي اوڍيل چۡني جون ڦۡلڙيون برسات وسڻ کانپوءِ هاڻي ايئن پيون لڳن ڄڻ جهوني ٿرياڻي جي گج تي ٽڪون يا مڻيا هجن، ڪونجين جون قطارون به لاڙ جي پوٺن جي سلامي ڀري وري واپس اچي ويون، پر تون ڇو ناهين موٽيو؟ ٿر مان بۡک وگهي لڏي ويندڙ خانه بدوش قبيلين جا مسڪين ماڻهو بئراجي علائقن جي وڏيرن جو گاريون ٻۡڌي نيٺ اچي ٿر جي اڃارين ڀٽن جي وجودن تي هاڻي برسات جو ٻۡڌي لڏا لاٿا اٿن، پر تون اڃان تائين ڇو نہ موٽين!
لاڳيتو بيماري جي بستري تي هئس سڀ پڇڻ آيا پر تنهجي ڪري بيمار ٿياسين تو خالي ٻہ لفظ پڇڻ گوارا نہ سمجهيا، تنهجون راهون تڪيندي هاڻي تہ هي ٽيو وسڪارو بہ اچي ويو آهي، پر تنهنجي پار کان ڪو بہ ڪبوتر ناهي آيو تنهنجي وئي پڄاڻا منهنجي دل جي ڌرتي تي ڪو بہ سائو سلو ناهي ڦۡٽو، منهجي دل جي دنيا دربدر ٿي چڪي آهي!
من جو شهر ميرو ٿي ويو آهي، وڇوڙي جا عذابي ڏينهن بہ هاڻي نٿا ڪٽجن، سورن جون ڊگهيون راتيون بہ توکان سواءِ ان ويڳاڻي پنڇي جيان لڳنديون آهن، جنهن جو آشيانو اڻمندائتيون طوفاني هوائون ايئن اۡجاڙي هليون وينديون آهن، جيئن اوچتا پکي پرديس هليا ويندا آهن جتي شڪارين جي ور چڙهي وکري ويندا آهن! توکانپوءِ منهجي جلي ويل جيون جي رڻ ۾ ڪو بہ مور پکي ناهي اڏاڻو ڇو تہ تون منهجو هڪڙو سچو دوست هۡئين، بلڪل سعيد سومري چواڻي، جڏهن سچا دوست وڇڙندا آهن تہ ماڻهو جا گهڻائي خواب ايئن مري ويندا آهن جيئن سياري جي ڊگهين بارشن ۾ جهرڪين جا معصوم ٻچڙا مري ويندا آهن!
ها پرين تنهنجي يادگيرين جي ٽولي سان گڏ اڃا اسانجي زندگي جو ڪبوتر اڏامي پيو، بس هي ساڳي موسم هئي مينهن وٺا هئا پلر جي پالوٽ ٿي وئي هئي تڏهن پاڻ پيار جي شروعات ڪئي هئي، اڄ انهن پٽن تي ميهن وسي پيا آهن گاهہ ڦۡٽي پيا آهن، هاڻي گاھ ڦۡٽندا هاري هر سنڀاريندا ٻنيون ليڏاڻ اينديون هاڻي همرچن جي هونگار ٻۡڌڻ ۾ ايندي پر تون الائي ڪٿي گۡم آهين، ڪٿي تنهجو سانورو چهرو نظر نٿو اچي رڳو تنهائي ۾ تڙپون پيا اڪيلائي اسان جو سهارو آهي، ها پرين اڄ مينهن وٺا آهن اتر کان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچي لٿا آهن سچ پڇين تنهجي يادگيرين جا ولر سوچن جو طوفان ساڻ ڪري اچي دماغ جي دروازي تي دستڪ ڏيڻ لڳا آهن، اڄوڪي برسات وسندي ڏسي توکي ساري اسان جون اکيون بڊي جي بادلن جيان برسڻ تي مجبور ٿي پيون آهن!
اڄ تون ناهين ته برساتي هوائون ماتمي لڳي رهيون آهن اهي رستا سوڳوار لڳي رهيا آهن، اهي گهٽيون ويران ٿي ويون آهن، جتي ڪي راتيون گڏ گزاريون هيوسين، مڃان ٿو مجبوريون ماڻهو کان گهڻو ڪجه کسي وٺنديون آهن ماڻهو جڏهن حالتن جي هٿڪڙين ۾ جڪڙجي ويندو آهي تڏهن ماڻهو محبت جي جنگ هارائي ويندو آهي! جيئن اسين هارائي وياسين، توکانپوءِ اسين ڪجهہ بہ ناهيون ٿيا اگر جي ٿيا آهيون تہ تنهنجي دردن جي لهر جڏهن کان لوڏيو آهي تڏهن کان ننڍڙو ليکڪ ٿي ويو آهيان منهجي قلم مان صرف هاڻي، تنهنجي سار تي لکيل ليرڙ ئي آهن جيڪي فيسبڪ تي فڳائي ڇڏيندو آهيان ڪڏهن ڪنهن اخبار ڏي اڇلي ڇڏيندو آهيان بس ڪڏهن ڪڏهن ڪينجهر جي ڪنارن تي جوڙا ڏسي تنهنجي ياد لکي ڇڏيندو آهيان، ڪڏهن ڪنوارين ٻانهن جا ڪنهن کي وڌل ٻک ڏسي توکي ساري لکندو آهيان ڪڏهن ڪنهن جي دانهن تي، ڪڏهن تنهنجي ڀريل ٿڌن ساهن تي، ڪڏهن لاڙ جي شامن تي ڪڏهن وڻن جي لامن تي ڪڏهن رلي ويل ٻار جي رڙ تي ڪڏهن ٿر جي سۡڪل سيمن تي، ڪڏهن ڀٽن تي بيٺل مورن تي، ڪڏهن مرندڙ مسڪين جي ڍورن تي، ڪڏهن خشڪ ڪنهن جي چپن تي، ڪڏهن غريب کي لڳل بيگناهہ ڌڪن تي، ڪڏهن اونهاري جي لڳندڙ گرم لۡڪن تي توکي مليل سدا بهار سۡکن تي!
ڪڏهن سکين تي ڪڏهن شينهن پوڙهي جي اکين تي، ڪڏهن صحرا ٿر جي تپندڙ ريٽن تي ڪڏهن لاڙ جي اڇن پوٺن تي، ڪنهن جي آهۡن تي ڪنهن جي دانهن تي ڪڏهن دل جي دڳن تي ڪڏهن وڌواهن جي اڇن وڳن تي، ڪڏهن چنگن تي ڪڏهن چڙن تي ڪڏهن ڏۡڪارن تي ڪڏهن ماڻهن بيڪارن تي ڪڏهن سيڙهن تي ڪڏهن سيمن تي ڪڏهن ولرن تي ڪڏهن وٿاڻن تي ڪڏهن اوٺارين جي ڇِڪن تي ڪڏهن بئراجي علائقن جي بٺن تي، ڪڏهن ڌرتي تي ڪڏهن سرتي تي، ڪڏهن ڪوڙن تي ڪڏهن سچن تي!
بس ڪجهہ نہ ڪجهہ حقي ۽ سچي ڳاله جڏهن بہ لکجي ٿي تڏهن گهڻا ئي مخالفت تي لهيو اچن، گهڻا دوست لفظن جا طوفان اٿاري ڇڏيندا آهن، ها پرين مون پنهنجي وس آهر جڏهن به ڪا سچي سڌي ڳالھ طوري تڪي دليلن جا در کۡڙڪائي لکي آهي تڏهن کان مونکي هڪ درٻاري ليکڪ چئي دٻايو ويو آهي! ها پرين تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ آئون جڏهن کان لکڻ لڳو آهيان مون جڏهن کان مطالعي جا مڪڙ پڪڙيا آهن، مون جڏهن کان ڪتابن سان دوستي رکي آهي، تڏهن کان وٺي مونکان ايترا ماڻهو منهن موڙي دل ٽوڙي ويا آهن جيترا تنهنجي سنڌ جهڙي سينڌ ۾ واسينگن جيتڙا وار آهن!
ها پرين مونکي هميشه هۡجومن سان دلچسپي هوندي هئي، پر تنهجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ مونکي ڪتابن جي دوستي اڪيلائين تنهاين جو هيراڪ ٺاهي ڇڏيو آهي! ها پرين جيڪي آڱريون تنهجي وارن ۾ ڪڏهن ڦڻي ٿي ڦرنديون هيون اهي هاڻي ٿر ۾ ٽچ فون جي اسڪرين تي مرندڙ معصوم مورن بکين ڍورن ويران چونئرن جي ڪٿا لکڻ جون هيراڪ ٿي ويون آهن بس تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ جڏهن به تنهنجي سار ستائيدي آهي تڏهن تڙپي قلم کڻي ڪجھ لکي وجود جو بار هلڪو ڪري وٺندو آهيان!
بس ٻيو ڪجهہ بہ ناهيان ٿيو، صرف ننڍڙو ليکڪ ٿيو آهيان هاڻي سوچيان پيو تنهنجي نماڻن نيڻن تي ڪو نظم لکي ڇڏيان پر ڇا ڪريان لفظ خيال ساٿ نٿا ڏين، يا اهڙي هڪ ڪهاڻي لکان جنهن ۾ هن معاشري جو گندو چهرو چٽو نظر اچي! ڪڏهن دل چوندي آهي تنهنجي نڪ جي نيري ڦلڙي تي ڪو نظم لکان پر لکي نٿو سگهان ها پرين لکڻ لاءِ ڪي موذوع گهرجن پر منهجو پسنديه موزوع جيڪڏهن هاڻي آهي تہ اها تنهجي ڪن جي والي، تنهجي لبن جي لالي، تنهنجي مٿي تي اوڍيل نيري ساڙهي آهي، ڪڏهن وري تنهنجي چپن تي ڪو چوسٽو بہ لکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ڇڏيندو آهيان، ها پرين اڄ بہ منهجي اکين ۾ انتظار جا پوپٽ اڏامن ٿا الائي تون ڪڏهن ايندين، ها پرين ڪي جنگيون هار لاءِ بہ وڙهبيون آهن، توکي هارائي تنهجي محبت هارائي اسين گهڻو ڪجهہ هارائي وياسين، بس پيارا آئون چوان ٿو پيار محبت صرف مزاڪ آهن ٻيو ڪجھ به ناهن! جيڪڏهن واقعي ڪجھ آهن تہ دغا بازن جي هن دنيا ۾ ڪير ان کي سمجهي ناهي سگهيو، باقي واعدا وفائن جا وچن اها هڪڙي ويساگهاتي آهي ٺڳي جو ٺاهہ آهي اهو هڪڙو ماڻهو کي ڦاسائڻ جو فڏو آهي اهو هڪڙو نہ کٽندڙ وڏو ڪوڙ جو سمنڊ آهي، وڏي ۾ وڏو دغا جو درياهہ آهي جنهن مان ٻۡڏڻ کان بچي وڃجي تہ بهتر آهي!
بس تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ هاڻي تنهجي يادن جا جنازا ڪلهن تي کڻي جيئندا آهيون سواءِ يادگيرين جي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي، اڄ برساتون وسي پيون آهن هر گس چلر چڪ بنجي ويو آهي پر تنهنجي ڪمي اڄ جام محسوس پئي ٿئي پرين تون موٽي اچ تون وڇڙي وئين انهي کي وڏو وقت ٿي ويو آهي پر اڄ بہ جڏهن مينهن وٺا آهن پٽ پۡسيا آهن کنوڻ کيل ڪيا آهن، تڏهن لاڙ جي لاڏلي شاعر ايوب کوسي جون هي سٽون اچي اسانجي دل جون ڀٽون چڙهن ٿيون!

جڏهن ڀي گهٽائن ڪيا ميڙ آهن!
اسان تنهنجي نيڻن کي ساريو تڏهن آ،

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *