خواهشن جا کلاڙي مفاد پرست ماڻهو! ڪالم: وفا جاني موسيپوٽو

523 Views

وفا جاني موسيپوٽو.
گهڻيون خواهشون ماڻهو مان ماڻهپو ختم ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙن ماڻهن مان انسانيت الوپ ٿي ويندي آهي. محبت موڪلائي ويندي آهي، خواهشن جي کلاڙي ماڻهن جي مفادن سان مائٽي ٿي ويندي آهي. لالچن سان ياري پڪي ٿي ويندي آهي، صرف پنهنجي خواهشن خاطر اهڙا ماڻهو لچائپ جا سڀ ليڪا لتاڙي ويندا آهن. رشتن جا سڀ رسا ٽوڙي ويندا آهن. پنهنجائپ جي پار ڪرائي وجهندا آهن، دوستين ۾ وڏا دوکا ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪنهن جا بہ ناهن هوندا صرف پنهنجي خواهشن لاءِ جيئدا آهن. خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن، اهڙن انسان جا ضمير مئل هوندا آهن. جن ماڻهن جا ضمير جڏهن مري ويندا آهن تڏهن اهي ماڻهو سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، چاهي سڳو ڀاءۡ اڳيان اچي وڃي ڇو جو اهڙن انسانن جي اکين تي پليتائي جي پٽي ٻڌل هوندي آهي. منهن تي مفادن جي مٽي لڳل هوندي آهي، خواهشن جي کلاڙي ماڻهن تي ڪڏهن بہ اعتبار ڪرڻ نہ گهرجي!
خواهشن خاطر اهڙا ماڻهو سڀ ڪجھ ڪري انسانيت جون حدون پار ڪندي ماڻهپي جا معيار ماريندي اخلاقيات جو سر اَڏي تي ڪپيندي دير ناهن ڪندا. خواهشن جا کلاڙي ماڻهو پيار پئسن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن. محبتون اهڙن ماڻهن لاءِ مزاق کان بہ گهٽ هونديون آهن الفتون اهڙن ماڻهن اڳيان اٽي ۾ لوڻ برابر هونديون آهن. چاهتون اهڙن ماڻهن لاءِ چار منٽ جو کيل هونديون آهن، خواهشن جا کلاڙي ماڻهو ڀرمن جي ڀينگ ڪندي دير ناهن ڪندا. وفائون وکيريندي دير ناهن ڪندا. پنهنجي تي آيا تہ سڀ ڪجھ ڪري هليا ويندا دوستي هجي رشتو هجي ناتو هجي ريت هجي، پريت هجي، رسم هجي، رهاڻ هجي! پر اهڙن انسانن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪا بہ معنيٰ ناهن رکنديون!
خواهشن جا کلاڙي ماڻهو ايترا تہ انڌا هوندا آهن، جو رشتن ۾ رولا وجهندي دير ناهن ڪندا. پنهنجائپ جي پار ڪرائي وجهندا آهن. لالچن جي لسي خاطر هر قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهڙن بي ضميرن ماڻهن تي ڪڏهن بہ ڀروسو ڪرڻ نہ گهرجي. خواهشن جا کلاڙي ماڻهو خواهشن خاطر رشتا ناتا دوستيون وابستگيون سڀ ڇڏڻ لاءِ تيار هوندا آهن، اهڙن ماڻهن جو ڪو بہ آدرش سلامت ناهي هوندو. اهڙا ماڻهو اصولن تي سوديبازي ڪندي دير ناهن ڪندا. مفاد جڏهن بہ اڳيان مٽندا تہ اتي ليٽي پوندا آهن. گهڻيون خواهشون ماڻهو کي ايترو تہ انڌو ڪري ڇڏينديون آهن جو ان ماڻهو اڳيان سڀ سنڱ سکڻا ٿي پوندا آهن، سڀ واسطا ويران ٿي ويندا آهن، سڀ ناتا نهوڙي ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو واسطن جي واٽن تي ڪروڌ جا ڪنڊا رکندي دير ناهن ڪندا…
خواهشن جا کلاڙي ماڻهو محبتن ۾ ملاوتون ڪندي دير ناهن ڪندا. پاڪ پيار ۾ پليتائي ڪري وجهندا آهن، چاهتن کي چچري وجهندا آهن، سچي پچي محبت کي مروڙي وجهندا آهن. بس اهڙن ماڻهن کي مفادن جي ديڳ مٺي هوندي آهي. اهڙا ماڻهو لالچن جي لَسي ڪنائي جي ڪٽورن ۾ پيئڻ جا هيراڪ هوندا آهن. اهڙا ماڻهو پئسي جا پۡٽ هوندا آهن. بس دولت اهڙن ماڻهن لاءِ سڀ ڪجهہ هوندي آهي! خواهشن جي کلاڙي ماڻهن جي اکين تي سدائين پَٽيون ٻڌل هونديون آهن. جتي بہ ٿوري لالچ هوندي اۡتي ائين لامارا ڏيندا آهن جيئن باز ڪۡڪڙ جي ٻچن تي لامارا ڏيندو آهي. اهڙن ماڻهن جي دوستي ڪنهن مان ڪم ڪڍائڻ تائين محدود هوندي آهي. ڪم نڪتو ڪاغذ فاٽو واري سٽ جا اهڙا ماڻهو پوئلڳ هوندا آهن. آئون چوان ٿو اهڙن ماڻهن کان جيترو پري رهجي اوترو بهتر آهي، اهڙن بي ڀروسن ماڻهن تي ڀروسو ڪرڻ نہ گهرجي، اهڙا ماڻهو ويساگهاتي جي واٽر تي بيهاري ٺڳي جو ٺيلهو ڏيندي دير ناهن ڪندا…
اهڙا ماڻهو ڪنهن کي ڏکن جي ڏرڙ ۾ ڏسي يڪدم پير پوئتي ڪري ڇڏيندا آهن. مجبورين جو فائدو وٺندا آهن اهڙا ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي تي اچي ويا تہ دل جي دنيا برباد ڪندي دير ناهن ڪندا، من جو شهر ويران ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪندي دير ناهن ڪندا. پئسي خاطر پيار وڪڻي ڇڏيندا آهن، دولت ڏسي وڏيون دغائون ڪري وجهندا آهن. ملڪيت ڏسي منهن موڙي دل ٽوڙي ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو پئسي جي پار تي ويهي لالچن جا لولا کائيندا آهن، هلڪڙائي وارن هٿن تي مفادن جي مٽي هڻندا آهن. اهڙا ماڻهو گدارپ جي گليل سان محبت جي مور پکي جون ٽنگون ٽوڙيندي پر پٽيندي دير ناهن ڪندا. اهڙن سماج جي ڪريل ڪردارن کي جيڪڏهن خواهشن جا کلاڙي چئجي تہ بہ گهٽ نہ ٿيندو اهڙن انسانن لاءِ امر جليل ڪيڏو نہ سچ چيو آهي،
خواهش جي غۡلامي ڪندڙ ماڻهو ايترو تہ بي ضميرو بڻجي ويندو آهي، جو رت جي رشتن کي ڇڏڻ تہ ڇا پر وڪڻڻ م بہ دير نہ ڪندو آهي!

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *