چين ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي صحت واري نظام ۾ ڪمزورين جو اعتراف ڪري ورتو

382 Views

چين ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي صحت واري نظام ۾ ڪوتاهي ۽ ڪمزورين جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

چيني ميڊيا موجب چين جي قومي هيلٿ ڪميشن جي سربراهه لي بن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي وبا هڪ وڏو امتحان هو جنهن چين ۾ صحت جي نظام ۾ موجود ڪوتاهين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. چيني هيلٿ ڪميشن جي سربراهه لي بن جو اهو بيان عالمي برادري طرفان چين جي ڪورونا وائرس جي شروعات ۾ ئي منهن ڏيڻ ۽ ان جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ مبينه ناڪافي قدمن تي تنقيد کان پوءِ سامهون آيو آهي.

لي بن جو چوڻ آهي ته هي وبا چين جي لاءِ هڪ واضح چيلينج هئي جنهن ڪنهن وڏي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪمزورين کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ  ملڪ جي صحت واري نظام ۾ اصلاحات ڪيون وينديون. ياد رهي ته آمريڪا سميت مختلف ملڪن طرفان الزام لڳايو پيو وڃي ته چين ووهان ۾ وبا جي شروعات ۾ ضروري رد عمل ۾ دير ڪئي ۽ ان حوالي سان دنيا کي به دير سان آگاهي ڏني جنهن سبب ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو.

ياد رهي ته چين جي شهر ووهان جي مرڪزي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر لي وينليانگ سڀني کان اڳ ڪورونا جي خطري کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي هئي پر مقامي اختيارين طرفان سندس مٿان سخت تنبيهه ڪئي وئي ۽ خاموش رهڻ جون هدايتون ڪيون ويون هيون. جنهن کان پوءِ اختيارين طرفان ڊاڪٽر لي وينليانگ کان ان واقعي تي معافي گهري وئي هئي جڏهن ته ڊاڪٽر لي پاڻ به ڪورونا جو شڪار ٿي فوت  ٿي ويو هو

Follow news10.pk on Twitter and Facebook to join the conversation

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *