ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو گڏيل انگ 1017 ٿي ويو

249 Views

اڄ هينئر تائين اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو گڏيل انگ 1017 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 48091 تائين پهچي ويو آهي.

هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا وگهي 351 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 316 ۽ پنجاب ۾ 287 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 37، اسلام آباد 10، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 112 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان اسلام آباد ۾ 98 ۽ آزاد ڪشمير مان 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اسلام آباد:

وفاقي گادي واري شهر ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 97 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن. پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1235 ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس  جا 151 مريض صحتياب به ٿيا آهن.

آزاد ڪشمير: آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 15 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن. پورٽل موجب علائقي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 148 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هينئر تائين وائرس سبب هڪ فوتگي ٿي آهي. سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين 70 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

اربع تي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1017 ڪيس سامهون آيا جنهن جي تصديق وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 316 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 6164 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1017 نوان ڪيس سامهون آيا. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ 10 هزار 964 ٿي ويو آهي. هن چيو ته 904 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي.

پنجاب:

پنجاب ۾ اربع تي ڪورونا جا وڌيڪ 697 ڪيس ۽ 7 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان ڪئي وئي. پي ڊي ايم اي پنجاب موجب صوبي ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو گڏيل انگ 17382  ٿي وئي آهي جڏهن ته 297 ڄڻا هنيئر تائين فوت ٿي چڪا آهن. صوبي ۾ هينئر تائين 5112 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ اربع تي ڪورونا جا وڌيڪ 83 ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 2968 ٿي ويو آهي جڏهن ته 38 ڄڻا فوت به  ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ ڪورونا سبب متاثر 636 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اربع تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 361 ٿي ويو آهي. صوبائي صحت کاتي موجب صوبي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 261 ڪيس به سامهون آيا جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو ڪل انگ 6615 ٿي چڪي آهي. ڪي پي  ۾ 23130 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

اربع تي گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ 23 ڄڻن ۾ موذي وائرس جي سڃاڻپ ٿي جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 579 ٿي وئي آهي. گلگت بلتستان ۾ وائرس سبب هينئر تائين 3 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته ڪورونا سبب متاثر 402 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن ۽ 173 علاج هيٺ آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *