انگلينڊ واري دوري جي تياري لاءِ مصباح ٽن ڪوچن جي مدد کان محروم رهندو

255 Views

انگلينڊ جي دوري جي تياري لاءِ مصباح الحق کي 3 ڪوچن جي مدد حاصل نه هوندي. وقار يونس، گرانٽ بريڊبرن ۽ ڪلف ڊيڪن جي پاڪستان اچڻ يقيني نظر اچڻ لڳي. امڪاني رانديگرن جو اعلان هڪ يا ٻن ڏينهن  ۾ ڪيو ويندو. ٽريننگ جي شروعات 7 جون تي لاهور ۾ ٿيندي.

تفصيل موجب انگلينڊ جي دوري جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ ۾ 3 ڪوچن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو امڪان ناهي. مددگارن کان سواءِ ڪيتريون ئي ذميواريون هيڊ ڪوچ مصباح الحق کي سنڀالڻيون پونديون.

بالنگ ڪوچ وقار يونس پي ايس ايل ملتوي ٿيڻ کان پوءِ آسٽريليا پهچي ويو هو. هن اتي قربطينه مڪمل ڪرڻ کان پوءِ فيملي کي جوائن ڪيو ۽ اڃان تائين اتي ئي موجود آهي. فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن نيوزيلينڊ ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن ڏکڻ آفريڪا هليو ويو هو. موجوده حالتن ۾ ٽنهي جي پاڪستان واپسي غير يقيني نظر اچي رهي آهي.

بيٽنگ ڪوچ کي مقرر ڪرڻ جي بجاءِ مصباح الحق ان ذميواري جو وزن پاڻ ئي کڻي رکيو آهي. انگلينڊ جي دوري لاءِ امڪاني رانديگرن جو اعلان هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستاني ٽيم کي دوري دوران 3 ٽيسٽ ۽ اوترا ئي ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻا آهن ان لاءِ گڏيل طور تي 25 کان 27 تائين رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي. تيارين جي شروعات 7 جون کان لاهور ۾ ٿيندي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *