ڏھرڪي سانڪو جي رھواسين گل بھار. مائي حاجران ڪوڀر جو پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج

197 Views

ڏهرڪي (رپورٽ عبدالغفار شر)

ڏھرڪي سانڪو جا رھواسين گل بھار. مائي حاجران ڪوڀر ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آھي ته ھڪ مھينو پھريان اسان جو پٽ لياقت علي ڪوڀر گهران نڪري گم ٿي ويو ھيو گھڻي ڳولھا کان بعد اسان ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس ۾ ويا سون جتي منھنجي پٽ جو نمبر ٽريس ڪرڻ کان بعد ٻڌايو ويو ته تنھنجو پٽ عورتاڻي آواز تي اغوا ٿي ويو آھي جنھن جو نمبر غوثپور ۾ ھلي ٿو. اھا خبر ٻڌندي مان پنھنجي پٽ جي آزادي لاء قرآن شريف کڻي غوثپور جي ڪچي ۾ پٽ جي ڳولھا ڪئي پر ظالمن قرآن شريف کي به نه مڃيو. هنن آء جي سنڌ کان اپيل ڪندي چيو آھي ته منھنجي پٽ جي بازيابي لاء تڪڙا قدم کڻي بازياب ڪرايو وڃي هنن چيو ته اسان مسڪين آھيون خدا جي واسطي اسان کي پنھنجو ٻچڙو واپس ڪرائي ڏنو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *