ڏھرڪي گھوٽڪي فيڊر ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، ڪيترائي واھ سڪل، فصل سڙڻ لڳو

221 Views

ڏهرڪي (رپورٽ عبدالغفار شر)

ڏھرڪي گھوٽڪي فيڊر ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪيترائي واھ سڪل فصل سڙڻ لڳو.
خبر موجب ڏھرڪي جي اڪثر واھن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب لکين ايڪڙ فصل سڙڻ لڳا آبادگار سخت پريشان،نرلي مائينر،سيھڙ واھ،ڏھر واھ ريتي مائينر ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد قلت آبادگارن لطف ميان شر، سچل شر، ڪمال شر ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گھوٽڪي فيڊر ۾ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اسان جا فصل سڪايا پيا وڃن جنھن سان لکين روپين جو نقصان ٿيندو ھنن ايريگيشن جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جلد اسان جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري اسان جي حصي جو پورو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ بااثرن جون لفٽ مشينون به بند ڪرايون وڃن،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *