ڪورونا وبا: يورپي يونين ۾ ست سئو پنجاهه ارب يورو جي معاشي بحالي فنڊ جي تجويز

274 Views

 يورپي يونين جي ايگزيڪيٽو ڪميشن جي سربراهه ارسلاوان ڊلين ڪورونا وبا سبب متاثر يورپي معيشت جي بحالي جي لاءِ گذريل ڏينهن 750 ارب يورو(825 ارب آمريڪي ڊالر يا تقريبن 1330 کرب پاڪستاني روپين) جي امدادي فنڊ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپي يونين ۾ شامل ملڪن کي هن بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي جنهن جو تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي.

هن امدادي فنڊ مان 500 ارب يورو گرانٽ جي شڪل ۾ جڏهن ته باقي 250 ارب يورو قرضن جي شڪل ۾ يورپي يونين جي ملڪن کي ڏنا ويندا ته جيئن يورپي معيشت کان گهٽ وقت ۾ ٻيهر بحال ٿي سگهي.

واضح رهي ته يورپي يونين پهريان ئي 540 ارب يورو جي شروعات  امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي چڪو آهي.

جنهن ۾ هي اضافي رقم شامل ٿيڻ کان پوءِ بحالي ۽ امدادي فنڊ جي گڏيل ماليت 1290 ارب يورو ٿي ويندي جنهن مان يورپي يونين ۾ شامل 27 ملڪ فائدو کڻي سگهندا.  

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *